ملائشيا ۾ ڪورونا جا 2 هزار 579 نوان ڪيس رپورٽ

ڪوالالمپور (اي پي پي ) ملائشيا جي صحت واري وزارت چيو آهي ته گذريل 24  ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 2 هزار 579 ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ ڪيسن جو مجموعي انگ 4،445،897 ٿي ويو آهي . چيني خابرو اداري ملائشيا جي صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته سڄي ملڪ ۾ وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين جو مجموعي انگ 35،542 ٿي ويو آهي . جڏهن ته وائرس مان صحتياب ٿيندڙ جو ڪل انگ 4،360،061 آهي ۽ 50،2094 ڪيس فعال آهن . رپورٽ موجب ملائشيا ۾ گذريل ڏينهن دوران ڪورونا ويڪسين جون 38،581 خوراڪون ڏنيون ويون آهن.

  • دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾  پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ بابت رپورٽ

اسلام آباد (اي پي پي ) واپڊا پاران گذريل  ڏينهن جاري ڪيل دريائن ۽ آبي زخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ بابت رپورٽ انگن  اکرم موجب درياهه سنڌ ۾ تربيلا واري هنڌ پاڻي جي آمد 36500ڪيوسڪ ۽ وهڪرو 35700 ڪيوسڪ ، دريائي ڪابل ۾ نوشهره واري هنڌن  پاڻي جي آمد16700   ڪيوسڪ ۽ وهڪرو16700   ڪيوسڪ، درياه جهلم ۾ منگلاواري هنڌ پاڻي جي آمد 31500 ڪيوسڪ ۽ وهڪرو28000 ڪيوسڪ ، چناب درياهه ۾ مراله واري هنڌ پاڻي جي آمد 12300ڪيوسڪ ۽ وهڪرو5000 ڪيوسڪ آهي .تربيلا ڊيم جو گهٽ م گهٽ آپريٽنگ ليول 1392 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1392.00 فٽ ، ڊيم م پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جي قابل پاڻي جو آخيرو زيرو آهي منگلاڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1074.30 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جي قابل پاڻي جو ذخيرو 0.111 ملين ايڪڙ فٽ آهي . چشمه بيراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ ، بيراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1074.30 فٽ ، بيراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جي قابل 0.062 ملين ايڪڙ فٽ آهي.

  • مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ ختم قرآن جا روح پرور اجتماع

مڪو شريف (اي پي پي ) سعودي عرب ۾ مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي شريف ۾ رمضان  ڪريم جي 29هين رات تي تراويح ۽ ختم قرآن جي دعا جا روح پرور اجتماع ڪيا ويا. ميڊيا رپورٽن موجب مسجدا لحرام ۽ مسجد نبوي شريف ۾ رمضان ڪريم جي 29 هين رات تي تراويح دوران ختم قرآن جي دعا ۾ حرمين الشريفين جي امام قبله اول مسجد اقصيٰ جي آزادي، اسلام ۽ مسلمان  جون موجوده آزمائشون ختم ٿيڻ جي دعا ڪئي، حرمين الشريفين جي انتظاميا پاران ان کان اڳ چيو ويو ته هلندڙ سال ختم قرآن جي دعا 29 هين رات تهجد جي نماز کان پوءِ ٿيندي. حرمين الشريفين انتظاميا جي سربراه اعلي ۽ مسجدالحرام جي امام ۽ خطيب شيخ ڊاڪٽر السديس ٻڌايو ته اعلي قيادت جي هدايت تي قرآن جي دعا، 29 هين رات تي تراويح نماز ۾ ٿيندي، اهو فيصلو زائرين جي سلامتي، اطيمنان ۽ سڪون لاءِ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.