خيرپور ۾ميتلا ۽ ميمڻ برادري ۾هلندڙ تڪرار جو نبيرو، ڌريون کير کنڊ

خيرپور ( س ر ) لقمان ڀرسان ڪجهه ڏينهن اڳ رفيق ميتلو ڌر ۽ ميمڻ برداري ڌر ۾ معمولي ڳالهه تان پيدا ٿيل تڪرار جو نبيرو ناليواري  سماجي اڳواڻ ، پريس ڪلب خيرپور جي صدر خان ۾حمد خان جي سرپئنچي هيٺ زم زم هوٽل تي ٿي گذريو، نبيري ۾ ٻنهي ڌرين جي مشيرن دادن خان ڦلپوٽو سعيد احمد ميمڻ ،  ميتلا نوجوان اتحاد ضلعي خيرپور جي صدر ،پ پ اڳواڻ اسدالله ميتلو ،  وڏيرو غلام نبي ميتلو، مولانه عبدالزاق ميتلو ، وڏيرو عبدالڪريم ڦلپوٽو، صحافي شاهد نواز سيال ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي ڌرين ۾ پيدا ٿيل تڪرار جو خاتمو ڪندي، ڌرين کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو، ۽ ٻنهي ڌرين کي پابند ڪيو ويو ته جيڪا ڌر اڳرائي ڪندي اها قانوني ۽ ڀائري جرم دار رهندي، ان موقعي تي اسدالله ميتلو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميتلا برداري سميت معاشري جي هر هڪ مظلوم سان گڏ آهيون، پر جهيڙا ۽ تڪرار  مسئلن جو حل ناهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.