باقراڻي ۾ بدامني، 3 نوجوانن کان موٽرسائيڪل ۽ سامان ڦر

خير محمد آريجا (ن ع آ)باقراڻي ٿاڻي جي حد باقراڻي باء پاس روڊ تي گذريل رات دير سان 2 نامعلوم هٿياربند ڦورن رستو روڪي عيد جي خريداري ڪري ڳوٺ موٽندڙ 3 نوجوانن سجاد تونيو، سليم ابڙو، ۽ صدام ميمڻ کي ڦورن هٿيارن جي زور تي نوجوانن کي يرغمال بڻائي 125 موٽرسائيڪل 3 موبائيل فونيون ۽ روڪ رقم هزارين روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته متاثر نوجوانن اهڙي واقعي جو اطلاع حد جي ٿاڻي باقراڻي پوليس کي ڏنو جڏهن ته باقراڻي پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي هوڏانهن واضح رهي ته عيد ويجهو ايندي ئي باقراڻي تعلقي جي سمورن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ چوري ۽ ڦر جون وارداتون وڌي ويون آهن ۽ عوام جي جان ۽ مال غير محفوظ بڻيل آهي جڏهن ته پوليس ڏوهارين اڳيان بيوس بڻيل آهي . هوڏانهن باقراڻي تعلقي جي سڃاڻ ڌرين ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي گهر ڪئي ته خدارا اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي باقراڻي تعلقي مان بدامني ختم ڪرائي عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.