ميهڙ ڀرسان 3 لک ڦر، مزاحمت تي 3 ڳوٺاڻا سخت زخمي

ميھڙ ( س ر )ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ڪوٺي کوکر ۾ ڪريانه جي دڪان تي ھٿياربندن جي چڙھائي 3 لک روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر مزاحمت تي  جوابدارن پسٽل جا بٽ ۽ ڏنڊا ھڻي احسان علي سندس ڀاء سبحان چنه ۽ الطاف چنه کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي زخمين کي تعلقہ اسپتال ميھڙ آندو ويو آهي ڊاڪٽرن پاران حالت نازڪ ھجڻ ڪري لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي اسپتال ۾ زخمي جي وارث اڪبر چنه ٻڌايو ته 10 ھٿياربندن ڪريانه جي دڪان تي چڙھائي ڪري ھٿيارن جي زور تي 3 لک روپيا روڪ رقم دڪان تي پيل سامان جيز ٽيلينار ۽ زونگ نيٽورڪ جا ڪارڊ ۽ بيو سامان ڦر ڪئي آھي ھنن چيو ته مزاحمت ھٿياربندن تشدد ڪري ٽن ڄڻن کي زخمي ڪيو آھي ۽ اسين سعيد ، ،گل بھار ، ماجد ڀرٽ کي سڃاتو آھي ۽ بيا ٻٽن سان ھيا جيڪي فرار ٿي ويا آھن ھنن چيو تہ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ ٽنھي زخمين جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري ڊاڪٽرن پاران زخمين کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي جڏنھن ته ٿاڻي سنڌي ٻٽڙا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آھي آخري اطلاع تائين گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.