ماٿيلي ۾ سول سوسائٽي طرفان استاد کان ڦر خلاف ڌرڻو

ميرپورماٿيلو(رپورٽ پريم راٺوڙ)ميرپور ماٿيلو ويجهو ٽي ڏينھن اڳ ڏھرڪي مان استاد راحب بوزدار کان 12 لک روپين جي ڦر واري واقعي خلاف متاثر استاد، شاگردن ۽ سول سوسائٽي طرفان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي پوليس خلاف سخت نعريبازي، اڳواڻن استاد راحب بوزدار، استاد دليپ ڪمار، پرويز بوزدار، سيد محبوب شاه ۽ ٻين چيو تہ پوري گھوٽڪي ضلعي اندر بدامني عروج تي پهچي وئي آهي ڪو شھري محفوظ ناهي پر افسوس انتظاميا اَگھور ننڊ ستل آهي پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران غريبن کان خرچي وٺڻ ۾ پوري آهي هنن چيو ته اھڙي صورتحال ۾ امن امان ڪيئن بحال ٿي سگهندو . هنن وڌيڪ چيو ته ڦُر واقعي کي 3 ڏينھن گذري ويا پر ايس ايڇ او ڏهرڪي نه جوابدار گرفتار ڪري سگهي آهي نه پئسا واپس ڪرائي سگهي آهي رڳو واقعي کي لاءِ مٽي ڪرڻ لاءِ ٽال مٽول ڪري رهي آهي هنن چيو ته چوري واپس نه ٿي ته اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.