جوهي ۾ بدامني، اسڪول مان سولر پليٽون ۽ پکا چوري، احتجاج

جوهي  ( ن ع آ  ) جوهي جي بلاڪ ون پرائمري اقراء اسڪول مان گذريل رات نامعلوم چور سولر پليٽون پکا موٽر ۽ ٻيو لکين رپين جو سامان  اسڪول جي گيٽ جا در ۽ تالا ٽوڙي  ٻھاري ويا استادن شاگردن والدنن هيڊ ماستر محمد امين جمالي امين لغاري, اڪبر کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسڪول جي تالا بندي ڪري سوين شاگرد استادن احتجاجي مظاهرو ڪري جوهي دادو مين روڊ نٽھڻ اس تي ڌرڻو هنيو 48 سينٽي گريڊ پد گرمي سبب ٻه معصوم نياڻيون ٽي ٻارڙا بيهوش ٿي ويا ان موقع تي استادن پنهنجي گڏيل خطاب ۾  الزام هڻندي چيو ته اسڪولن جي مالڪي ۽ سالن کان ڪوبه چوڪيدار پٽيوالو مقرر نه هئڻ ڪري اڳ به چوري ٿي وئي مگر ڪو به تدارڪ نه ٿيو هنن خدشو ظاهر ڪندي الزام هڻندي چيو ته اقراء پرائمري اسڪول کي تعليم پڙھائي جي حوالي سان ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي . هنن چيو ته سنڌ اندر علمي حوالي سان ٽاپ  ٽين ضلع دادو جي حوالي سان 8  سئو شاگرد ياڻين ۽ شاگردن کي بهترين تعليمي زيور سان نوازيو ويندو آھي   جتي ساليانو امتحان پڻ اوپن ٿيندو  آھي جنهن جي رزلٽ سامهون آھي  مگر افسوس جو تعليم دشمن عناصر اسڪول جا دروازه ٽوڙي سولر پکا بيٽريون کڻي ويا آھن هنن چيو ته اسڪول۾ چوڪيدار پٽيوالو سالن کان غائب آھن  هنن چيو ته جوهي ٿاڻي تي اسڪول جي ٿيل  چورين بابت ڏھ کان مٿي رپورٽون داخل ڪرايون آھن مگر ڪوب تدارڪ ناهي ٿيو, آخر ۾ ھنن سيشن جج دادو تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيڪريٽري , ڊائريڪٽر  ڊي او ۽ ايس ايس پي دادو کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته اسڪول مان ٿيل چوري واپس ڪرائي اسڪول کي چوڪيدار پٽيوالو مقرر ڪري شاگردن استادن والدينن مان بيچيني دور ڪري  انصاف فراهم وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.