ميهڙ لڳ معمولي ڳالهه ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

ميھڙ(س ر ) ميھڙ ڀرسان ڳوٺ گاھي مهيسر ۾ معمولي ڳالھ تان چانڊيہ ۽ سوڍر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو جوابدارن ڇرين ۽ ڏنڊن  جا وار ڪري نوجوان ڪراڙو پٽ علي گوھر سوڍر کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي جنھن کي تعلقه اسپتال ميھڙ آندو ويو تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ زخمي نوجوان ٻڌايو ته جوابدارن شعيب ۽ جنيد چانديو بلا وجه جي مون مٿان حملو ڪري سخت زخمي ڪيو آھي ھن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي . ھوڏانھن ميھڙ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آھي.

  • شهدادپور پوليس ڦر ڪيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي

شھدادپور ( ن ع  آ) شھدادپور پوليس پاران ٻه ڏينھن اڳ   ملدسي روڊ تي پوليس مقابلي  ۾  گرفتار ڪيل جوابدارن مدد علي عرف بگن ڏاھري محمد صالح رونجھاڻي جاويد ڏاھري جي نشاندھي تي ٻہ مھينا اڳ  شھدادپور شھر جي ھالا چوڪ مان آئل جي دڪاندار عبداللہ آرائين کان  ڦر ڪيل سي ڊي موٽرسائيڪل ماڊل 2006 ڳوٺ صاحب خان نظاماڻي لڳ لڪايل  ڪيلن جي باغ ۾  ڇاپوھڻي ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪري اھڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ايس ايڇ او شھدادپور طفيل ڀٽو ٻڌايو تہ ٻہ ڏينھن اڳ ملدسي روڊ تي ڏو ھ جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين سان مقابلي ڪرڻ دوران گرفتار ڪيل زخمي ڏوھاري جاويد ڏاهري مدد علي عرف بگن ڏاھري ۽ محمد صالح رونجھاڻي  جي نشاندھي تي  ڳوٺ صاحب خان نظاماڻي لڳ ڪيلن جي باغ ۾ ڦر ڪري  لڪايل سي ڊي   موٽرسائيڪل  ماڊل 2006 ڇاپو ھڻي ھٿ ڪئي آھي جيڪا ٻہ مھينا اڳ مذڪورہ جوبدارن شھر جي ھالاچو ڪ لڳ آئل جي دڪاندار عبداللہ آرائين کان 87ھزار روڪ رقم موبائيل فون سميت ڦر ڪري ويا ھئا جنھن جو ڪيس شھدادپور ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي جيڪو ڏوھاري حد ۾ ايندو ان ڏوھاري کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

  • جھمپير ۾ ڪارروايون، ٽي جوابدار گرفتار، چوري جو سامان ھٿ

جھمپير (رپورٽ: حميد پالاري) ايس ايڇ او جھمپير اميربخش کوسو جي اڳواڻي ۾ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي ٽرائيڪون ڪمپني مان تارون چوري ڪندڙ شاھنواز ۽ ڪمبير چانگ کي سڳ سميت گرفتار ڪري مٿن16/22 339ppc تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ٻئي طرف ڳوٺ علو ٻارچ ۽ مختلف ڳوٺن کي پاڻي پھچائيندڙ پائپ لائين ڪٽي وڪرو ڪندڙ نواز جانوري کي گرفتار ڪري ايف آء آر نمبر9/22 sec 379ppc تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ٻئي پاسي گشت دوران پوليس  چوري جي موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي پوليس موجب پوليس کي ڏسي چور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا جيڪا ريڪور ڪريu/s 550 crpo تحت ڪاروائي ۾ شامل ڪئي ويئي اھڙي ڪارواين تي ڪوھستان راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير پالاري شاھ محمد چانگ پوليس جي عمل کي ساراھيندي وڌيڪ ڪاروائين ۽ منشيات خلاف ڪاروايون ڪرڻ جي گھر ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.