ميهڙ مان شاگرد کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ خلاف شهرين جو ڌرڻو

ميھڙ( س ر ) ميھڙ ھڪ ھفتو اڳ نوجوان شاگرد اوشاق علي سومرو کان راڌڻ روڊ تي 3 ھٿياربندن يرغمال بڻائي ون ٽو فاء موٽرسائيڪل 50 ھزار روڪ رقم موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ واري واقعي خلاف شھرين ۽ سول سوسائيٽي ۽ شاگرد اڳواڻن عمران ابڙو، ،علي اڪبر سومرو،اعجاز بروھي سجاد سومرو جاني زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ھنن چيو ته ميھڙ ۾ بدامني وڌي وئي آھي ھڪ ھفتو اڳ نوجوان شاگرد کي ھٿياربندن يرغمال بڻائي ون ٽو فاء روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦري ويا آھن ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگھي آھي ھنن ايس ايس پي دادو کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گھر ڪئي تہ ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.