بٺوري ۾ تازي ڄاول ٻار جو جيتن جو کاڌ بڻيل لاش ھٿ

ميرپوربٺورو ( ن ع آ ) ميرپوربٺورو جي پبلڪ پارڪ ۽ ڊاڪٽر گلي ڀرسان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش هٿ آيو، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته تازي  ڄاول ٻارڙي کي پره ڦٽي مهل اڻ ڄاتل ماڻهن پاران ويم جي فورن بعد رلي ۽ پلاسٽڪ جي ٿهيلي ۾ ويڙهي اڇلايو ويو جتي ٻارڙي جو ساھ ٻوساٽجڻ ۽ جيت جيوڙن پاران جسم پٽڻ سبب سندس موت واقع ٿي ويو، جنهن بعد صبح سوير اتان گذرندڙ ماڻهن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع جيو ليڪن ٻن ڪلاڪن تائين پوليس نه پهچڻ سبب معصوم ٻارڙي جو لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيو جنهن بعد سوشل ميڊيا تي تازي ڄاول ٻارڙي جي لاش جون تصويرون ۽ وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس لاش تحويل ۾ وٺي تدفين ڪرائي ڇڏي، هوڏانهن اهو پڻ واضع ڪجي ٿو ته ميرپوربٺورو جي ڊاڪٽر گلي ۾ غير قانوني طور عطائي ويم گهرن جي قيام سبب مذڪوره ٻارڙي جي ڄمڻ بابت ڪوبه رڪارڊ نه هئڻ سبب معصوم ٻارڙي جي والدين بابت پتو لڳائڻ مشڪل بڻجي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.