کپري ڀرسان ڪئنال ۾ ٻڏل ڌنار جو لاش هٿ

کپرو (ت ر) کپرو ويجهو 2 ڏينهن اڳ۾ ناراڪينال ۾ خليفو عاقل هنڱورو موري وٽ 2 ڌنار وهنجندي ٻڏي ويا جنهن ۾ هڪ جو ان ڏينهن لعل محمد گجو جو لاش مقامي ٽوٻن ذريعي ڪڍي لاش وارثن حوالي ڪيو جڏھن ته انتظاميه جي نااهلي سبب ٻڏي ويل محرم هنڱوري جي وارثن جي ڪابه مدد ناهي ڪئي آبپاشي عملي خلاف شهيد چوڪ تي احتجاج ڪرڻ باوجود ڪوبه مدد ناهي ڪئي مقامي ٽوٻن جي مدد سان اڄ ناراڪينال جي خليفو عاقل هنڱورو جي موري وٽان محرم هنڱورو جو لاش هٿ اچي ويو مقامي ٽوٻن لاش کي ناراڪينال مان ڪڍي کپرو تعلقه اسپتال آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو  لاش گهر پهچڻ تي گهرن ۾ ماتم برپا ٿي ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.