آريجا لڳ جي ڊي اي اڳواڻ جو نوجوان پٽ ڪينسر وگهي فوت

خير محمد آريجا (ن ع آ) باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ دريا خان ابڙو ۾ جي ڊي اي اڳواڻ مرحوم صدورو خان ابڙو جو نوجوان پٽ 21 سالا  عابد علي  ابڙو ڪجهه عرصو ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا هيو جنهن کي مالڪن جي جناح اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو جتي هو بيماري سان جنگ وڙهندي زندگي جي جنگ هارائي ويٺو ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيو جڏهن ته فوتي نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ قھرام مچي ويو ۽ سندس جون وارث عورتون زارون زار روئي رهيون هيون جڏهن ته فوتي نوجوان جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ابڙا برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد سندس مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو هوڏانهن تڏي سندس وارثن، ڪسارو ابڙو ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.