سياسي تبديلي جو وڏي ۾ وڏو نقصان سنڌ جو ٿيندو: زين شاهه

ڀان سيدآباد (ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ مرڪز پرست سياسي جماعتن کي اين آر او  ڏنو آهي، سنڌ جي 14 سالن دوران جيڪا ڦرلٽ ٿي آهي، اها به لئي مٽي ڪئي وئي آهي، ميڊيا جي ذريعي اسٽيبلشمينٽ کي پيغام ٿا ڏيون ته جيڪڏهن توهان سياست ۾ ڪرپٽ ماڻهن کي ايئن سهارو ڏنو ته رياست جو ٻيڙو ٻڏي ويندو، ملڪ تڏهن هلندو جڏهن توهان احتساب جو عمل جاري رکندو، انصاف ۽ ايمانداريءَ جو راج برقرار رکندئو، ڀان سيدآباد ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو پاران شهرين جي مان ۾ ڏنل افطار پارٽي تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته وفاق ۾ جيڪا سياسي تبديلي آئي آهي، ان جو سڀ کان وڏو نقصان پ پ ايم ڪيو ايم معاهدي جي صورت ۾ سنڌ جو ٿيو آهي، اڄ سنڌ کي انتظامي يونٽن جي نالي ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، اڳتي هلي جاگرافي طور سنڌ ورهائي ويندي، عوام اسان کي ووٽ ڏئي ايوانن ۾ موڪليو ته اهڙا سنڌ دشمن معاهدا روڪينداسين، هن چيو ته سنڌ جو عوام تحريڪن جو حصو نه ٿو بڻجي ته ووٽ ڏيڻ وقت قومي غيرت جو مظاهرو ڪري ته جيئن سنڌ جي حقن ۽ مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي، ايس يو پي جي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو خطاب ڪندي چيو ته حڪمران عوام کي پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، عام ماڻهن کي غاصب حڪمرانن خلاف بغاوت ڪرڻي پوندي، هن چيو ته حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد به هڪ تبليغ آهي، سنڌ جنهن حالتن مان گذري پئي، سماجي طور تي بنيادي مسئلا، ظلم ۽ ناانصافيون آهن، سنڌ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪو لائحه عمل جوڙڻو پوندو، افطار پارٽي تقريب ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، معزز شهرين ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.