ملڪ ۾ اهڙو نظام ناهي جو سنڌ کي پاڻي ڏياري:رياض چانڊيو

ڪراچي )پ ر) سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ بابت جيئي سنڌ محاذ جي باڊي جو خصوصي اجلاس چيئرمين رياض علي چانڊيو جي صدارت ۾ ڪراچي ۾ ٿي گذريو.اجلاس ۾ 16 مئي تي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ٽنڊوالھيار ۾ احتجاجي ڌرڻي هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾  رياض علي چانڊيو ڳالهائيندي چيو آھي ته ملڪ ۾ اهڙو ڪو به نظام ناهي جنهن تحت سنڌ کي حصي جو پاڻي ملي سگهي  سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آھي درياھ مان واري پئي اڏامي زراعت تباھ ٿي وئي آھي ماڻھو مسلسل احتجاج پيا ڪن پر سرڪار ڪن بند ڪري ڇڏيا آھن پنجاب سنڌ سان پاڻي جي سمورن معاھدن جي پنجاب ھميشا ڀڃڪڙي ڪندو رھيو آھي اڃ به ھن جو جبت وارو رويو مسلط آھي پاڻي جي اڻاٺ سبب سنڌ ۾ ماحولياتي تباھي ٿي وئي آھي انسان جانور پکي پکڻ ۽ سڄو ايڪو سسٽم بدترين حالتن کي منھن ڏئي رھيو آھي سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي رھيو آھي لکين ايڪڙ سندس ھيٺ ھلي وئي آھي جنھن سبب مستقبل ۾ ٺٽي سجاول ۽ بدين جي ٻڏڻ جو خطرو آھي ان جو ذميوار پنجاب ھوندو ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه وڃڻ جي ڪري سمنڊ پنھجي جاء ڇڏي چڪو آھي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم تائين پاڻي کارو آھي ھن وقت انب جو فصل تيار آھي پاڻي جي کوٽ جي ڪري سوڪھڙي جو شڪار آھي ڪپھه جي پوکائي جي سيزن متاثر ٿي رھي آھي سنڌ ۾ ته پيئڻ جو پاڻي نٿو ملي اقتدار تي جنرل مشرف ھو تڏھن به سنڌ سان ھي ويڌن ھئي بينظير ھئي يا نواز شريف ھو ته به سنڌي قوم جي مقدر ۾ ذلتون ھيون عمران آيو تڏھن به حالتون ويتر خراب ٿيون اڄ شھباز شريف ۽ بلاول زرداري اقتدار ۾ آھن تڏھن به سنڌ سان ماٽيلي  ماء وارو سلوڪ جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.