ٽنڊي آدم ۾ ڏير جي ڀاڄائي کي مارڪٽ، احتجاج

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊو آدم ۾ گهر تي قبضو ڪرڻ لاء ڏير جو ڀاڄائي تي بيرحماڻو تشدد ڪپڙا ليڙون ليڙون معصوم ٻارڙي کي ڇت تان اڇلائڻ جي ڪوشش دانهن تي فرار اين سي داخل رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ۾ گهر تي قبضو ڪرڻ لاء ڏير پنهنجي ڀاء جي گهر ۾ داخل ٿي ڀاڄائي تي  تشدد ڪري سندس ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا ۽ گهر مان نه نڪرڻ تي معصوم ڀائٽي کي ڇت تان اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي  ان سلسلي ۾  ٽنڊي آدم جي بمبئي بازار ۾ رهندڙ غزاله زال عارف انصاري پنهنجي مڙس سان گڏجي  پريس پھچي دانهيو آھي ته سندس ڏير ناصر انصاري سندن گهر تي قبضو ڪرڻ گهري ٿو ۔ ڏير گهر ۾ داخل ٿي مون تي بيرحماڻو  تشدد  ڪيو جنهن ۾ منهنجا ڪپڙا ليڙون ليڙون پيا ۽ گهر مان نڪري وڃڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ انڪار ڪرڻ تي منهنجي 5 سالن جي معصوم ڌي کي گهر جي کڏ مٿان اڇلڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ رڙين تي فرار ٿي ويو هن ٻڌايو ته گهر سهري جي گڏيل ملڪيت آھي ڏير  اڳ ۾ به اسانجي حصي جي  دڪان تي قبضو ڪري ويٺو آھي ۽ هاڻي گهر تي به قبضو ڪري اسان کي گهر مان ڪڍڻ چاهي ٿو گهر خالي نه ڪرڻ جي صورت ۾ جاني ۽ مالي نقصان جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي . هنن وس وارن کان جوابدار جي گرفتاري ۽ تحفظ جي گهر ڪئي آھي جڏهن ته واقعي جي سٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آھي پر ڪا به گرفتاري ناهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.