ڏهرڪي ۾ جوڙي کي کنڀڻ جي ڪوشش، نوجوان زخمي، جوابدار گرفتار

ڏھرڪي (ت ر)رحيم يار  خان جي جوڙي رفيق احمد ۽ حاجرہ آرائين اٺ مھينا اڳ گھران نڪري پسند جو پرڻو ڪيو ھو. پرڻي بعد جوڙو ڏھرڪي  جي القطب ٽائون ۾ ترسيل ھو ته حاجره جي مائٽن ڪالهھ ھنن جي گھر تي چڙھائي ڪري کيس ھٿيارن جي زور تي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس مڙس رفيق احمد ھن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ھٿياربندن سان مزاحمت ڪئي جنھن تي نوجوان جي ساھري گلشير آرائين پنھنجي ناٺي مٿان فائر ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو. اھڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڏھرڪي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ھڪ جوابدار گلشير آرائين کي گرفتار ڪري ورتو آھي. جڏھن ته زخمي نوجوان رفيق احمد کي ڏھرڪي اسپتال مان فوري طبي امداد ڏيڻ بعد کيس رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي. ڏھرڪي پوليس واقعي جي ڪيس درج ڪري ورتو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.