لاڙڪاڻي ۾ زبردستي پرڻائڻ جي ڪوشش تان ناري ٿاڻي پهچي وئي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور زبردستي پرڻائڻ جي ڪوشش تان ناري گهران نڪري تحفظ لاءِ ٿاڻي پهچي وئي، بيان قلمبند ڪرائڻ بعد عدالت کيس دارلامان حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد يار محمد ڪالوني جي رهواسڻ نوجوان ناري ناديه ڌيءُ سڪندر لغاري تحفظ لاءِ وومين ٿاڻي پهتي جتان وومين ٿاڻي جي پوليس ناري کي فورٿ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ناري جو بيان قلمبند ڪرائڻ بعد کيس دارلامان حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ناري ناديه لغاري ٻڌايو ته منهنجو والد سڪندر لغاري ٽرڪ جو ڊرائيور آهي جيڪو مون کي لالچ ۾ اچي 12 لک روپين عيوض ماروٽ نويد لغاري سان زبردستي شادي ڪرائڻ چاهي پيو انڪار تي والد مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي آءُ مجبور ٿي گهران نڪري تحفظ لاءِ وومين ٿاڻي تي پهتس ۽ اڄ پوليس مون کي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي مون پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو آهي. هوڏانهن عدالتي حڪم تي ناري کي پوليس دارلامان منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.