دريا خان مري ڀرسان نينگري ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي

دريا خان مري (ن ع آ) دريا خان ڀرسان تيتري اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ ڳوٺ ابراھيم ڀٽو واسي 5 ساله نينگر عزير ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو زخمي نينگر کي فوري طور تي علاج لاء دريا خان مري اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمي نينگر جي ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاء نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

  1. لاڙڪاڻي ۾ همراهه ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ نهال خان ۾ بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب 38  سالن جو پورهيت بلاول ڏاهاڻي سڙي زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس وارثن چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس جسم 50 سيڪڙو سڙڻ جي تصديق ڪندي کيس طبي امداد ڏني. ان موقعي تي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته بلاول ڏاهاڻي ڳوٺ ۾ بجلي ٺاهي رهيو هو جتي اوچتي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب هو سڙي زخمي ٿيو جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ جي ڪري ڊاڪٽرن کيس ڪراچي منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي پر اسين انتهائي غريب آهيون ايتري وصيعت ناهي جو ڪراچي مان سندس جو علاج ڪرائي سگهون. اسان جي سنڌ حڪومت، صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميه کي اپيل آهي ته نوجوان بلاول ڏاهاڻي جو لاڙڪاڻي مان سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي.

  • راڌڻ ۽ ڀرپاسي بدامني چوٽ چڙهيل، موٽر سائيڪل ڦر

راڌڻ(ن ع آ)ٿرڙي محبت ٿاڻي جي مان ماڻڪاڻي ٿرڙي لنڪ روڊ تي ٽي نامعلوم  ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي  محمد باقر ويگھيو کي يرغمال بناڻي سندس کان موٽرسائيڪل  ٽچ موبائيل  2000روڪ ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويو پوليس اگھور ننڊ ۾ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.