ساڪري ۾ ڪار جو واٽهڙو کي ٽڪر، نوجوان فوت

ميرپور ساڪرو (ن ع آ) ميرپور ساڪرو جي مين اسٽاپ تي تيز رفتار ڪار جو مست الله رکيو منگڻھار کي ٽڪر ھنيو جنهن جي  نتيجي ۾ موقعي تي فوت ٿي ويو فوتي کي تعلقه اسپتال شيخ زيڊ ميڊيڪل سينٽر آندو ويو جتان ضروري ڪاروائي کانپوء لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ياد رهي ته فوتي جي عمر 20 سال ھئي ۽ دماغي توازن درست نه ھو.

  • لکي لڳ راڪيٽ لانچر  جو فائر، ھڪ ڄڻو زخمي، علائقي ۾ ڏھڪاءُ

لکي غلام شاھ(رپورٽ: نديم جان مهر) چڪ ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ وڏو بڊاڻي ۾ شر بڊاڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري  ڏني جنهن جي نتيجي ۾ بڊاڻي برادري جو نوجوان غلام حسين بڊاڻي گوليون لڳڻ ڪري شديد زخمي ٿي پيو اطلاع تي چڪ پوليس پهچي فائرنگ بند ڪرائي ۽ زخمي نوجوان کي لکي غلام شاھ اسپتال مان شڪارپور منتقل ڪيو ويو .ٻئي طرف ڌرين پاران هڪٻئي مٿان راڪيٽ لانچر فائر ٿيڻ ڪري علائقي ۾ ڏھڪاء پکڙجي ويو .زخمي غلام حسين بڊاڻي الزام هنيو آھي ته شر برادري جي هٿياربندن بلاجواز حملو ڪري سندس گهرن مٿان راڪيٽ لانچر فائر ڪيا آھن ۽ فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪيو ويو آھي انصاف ڏياريو وڃي .ياد رهي ته سکر ۾ قتل ٿيل نوجوان بشير عرف جلال الدين شر جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ آھي.واقعي جو ڪيس داخل نٿي سگهيو آھي.

  • ڊگھڙي لڳ موٽرسائيڪل سلپ، ھڪ ڄڻو زخمي

ڊگھڙي (ن ع آ)ڊگهڙي ڀرسان ميرواھ گورچاڻي روڊ بائي پاس تي موٽرسائيڪل اوچتو سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار الله آباد ڪالوني ڊگهڙي جو  رهواسي سنيل مهراج روڊ تي ڪري سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته ساڻس گڏ سوار نوجوان ڪريم چوهاڻ معجزاڻي طور تي محفوظ رهيو زخمي نوجوان کي تعلقي اسپتال ڊگهڙي آندو ويو جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.