آريجا لڳ لاشاري برادري جي گهر تي چڙهائي، ڌرڻو، لاٺي چارج

خير محمد آريجا (ن ع آ)ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو ۽ ڏوڪري پوليس پاران ڳوٺ بيدي لاشاري تي چڙهائي ڪري لاشاري برادري جي ماڻهن جا گهر ڊاهي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ خلاف ڳوٺ مجاور لاشاري جي لاشاري برادري جي ماڻهن قادر بخش لاشاري، متل لاشاري، راحب لاشاري، قربان لاشاري ۽ٻين هٿن ۾ لٺيون کڻي لاڙڪاڻو خير پور پل روڊ تي ڳوٺ ٻانهو جتوئي لاڙي وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب لاڙڪاڻو ۽ خيرپور طرفان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون جنهن سبب مظاهرين ۽ مسافرن ۾ چڪريون پڻ ٿيون جڏهن ته هٽڙي غلام شاھ ٿاڻي جي پوليس ۽ شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين کي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو چيو مگر لاشاري برادري جي ماڻهن ڌرڻو ختم نه ڪيو جڏهن ته پوليس مظاهرين لاٺي چارج ڪري ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مظاهرين صحافين اڳيان داهيندي چيو ته افسوس آهي جو ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو ۽ ڏوڪري پوليس ڳوٺ بيدي لاشاري ۾ اسان جي مائٽن جي گهرن تي چڙهائي ڪري سندن جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ پوليس گهرن مان ڦر لٽ پڻ ڪري وئي . جڏهن ته پوليس اسان جا ڪيترائي نوجوان کنڀي گم ڪري ڇڏيا آهن جيڪا سراسر ناانصافي ۽ ظالم آهي ان موقعي تي مظاهرين ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ،ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا اهڙي مامري جو نوٽيس وٺي ڳوٺ بيدي لاشاري مان گرفتار ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪرائي ۽ ڦر لٽ ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.