قمبر ۾ گم ٿيل نوجوان آزاد نه ٿيو، وارثن جي بک ھڙتال

قمبر (رپورٽ: محمود شيخ ) قمبرمان کنڀي گم ڪيل پورھيت محمد علي چانڊيو جي آزادي  لاءِ وارثن پاران قمبر پريس ڪلب روڊ تي احتجاج  بک ھڙتال ڪئمپ لڳائي چوٿين ڏينهن به سندس جي آزادي لاءِ علامتي بک هڙتال ڪئي،ان موقعي تي محمد علي چانڊيو جي امڙ عظيمان خاتون،نصرت خاتون شوڪت علي چانڊيو،توفيق چانڊيو ۽ ٻين چيو ته جيسيتائين تائين محمد علي چانڊيو کي آزاد نه ڪيو تيسيتائين اسانجي بک ھڙتال جاري  رھندي وارثن ميڍيا کي ٻڌائيندي چيو ته محمد علي چانڍيو جو ڪنھن به سياسي پارٽي سان ڪو به واسطو نه آھي محمد علي چانڊيو ھڪ پورھيت آھي اسان چيف جسٽس پاڪستان،آرمي چيف ۽ وس وارن کي اپيل ٿا ڪئي ته محمد علي چانڍيو کي آزاد ڪيو وڃي اگر ان تي ڪو به ڪيس آھي ته کيس عدالت ۾پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.