هٿڪڙيون لڳل نوجوان سرمد جمال بلو آزاد ٿي سيشن ڪورٽ پهچي ويو

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر جي نامياري وڪيل  جمال ناصر بلو جي پٽ سرمد جمال بلو جي گرفتاري ۽ گمشدگي وارو معاملو، هٿڪڙيون لڳل نوجوان سرمد جمال بلو بازياب ٿي سيشن ڪورٽ پهچي ويو آهي جنهن کانپوءِ نوجوان سرمد جمال بلو عدالت ۾ بيان ۽ عدالتي احاطي  ٻاهران ميڊيا سان ڳاالهائيندي چيو ته صالح پٽ ويجهو پوليس اهلڪار کيس  اڇلائي فرار ٿي ويا هئا، رات دير سان پوليس منهنجي اکين تي پٽيون ٻڌي پوليس موبائل ۾ ويهاريو ۽ چيائون ته ڪلمو پڙهه توکي اڄ درياهه ۾ اڇلائينداسين. 15منٽن جي ڊرائيونگ کانپوءِ هنن کي فون آيو، جنهن بعد  مون کي روڊ تي اڇلائي فرار ٿي ويا، ڪجهه دير کانپوءِ ڪار کي ايندو ڏسي ڊرائيور کان لفٽ وٺي ڪورٽ پهتو آھيان. سکر جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي جج بيان وٺڻ بعد هٿڪڙيون کولرائي  آزاد ڪري ڇڏيو ۽  پوليس کي نوٽيس جاري ڪرايا آھن، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جمال ناصر بلو جو چوڻ هو ته سکر پوليس سياسي بااثر ماڻهن جي چوڻ تي منهنجي خلاف ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري منهنجي پٽ کي گرفتار ڪيو ويو هو پر آءُ ڪوڙن ڪيسن ۽ گرفتارين کان ڊڄڻ وارو ناهيون عدالت مان انصاف جي اميد آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.