ريتي ويجهو پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

ريتي (ن ع آ)ريتي ويجھو ڳوٺ مارو ون گئس ڀر سان پورھيت عبدالحميد شيخ جي گھر کي چلھ مان چڻنگ اٿڻ سبب ڪکاوان  گهر کي باھ  وڪوڙي وئي باھ لڳڻ ڪري پرهيت جو گھر ۾ پيل سمورو سامان نياڻين جي ڏاج سميت ھنڌ بسترا، اناج ۽ ٻيو گھر م پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو ان موقعي تي پورھيت عبدالحميد شيخ ٻڌايو ته چلهه مان چنگ اٿڻ سبب اوچتو سندس گهر کي باه وڪوڙي وئي جنهن بعد گهر کي باهه لڳڻ جو اسان بروقت ماروون گئس فيلڊ ڪمپني کي اطلاع ڏنو ته پر اطلاع باوجود هنن فائر برگيڊ نه موڪلي هن چيو ته فائربرگيڊ کي ترت موڪلي ھا ته ايڏو وڏو نقصان نه ٿئي ها متاثر پورھيت کلي آسمان هيٺ ويٺل آهي ان  ڊي سي گھوٽڪي توڙي وس وارن کان مالي سائتا جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.