تاريخي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو مظهر

ميان محمد نديم

شهباز شريف جو وزارت عظميٰ سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهريون پرڏيهي دورو آهي جنهن جي باري ۾ ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ برادراڻي، پرجوش ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل تاريخي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو مظهر آهي. جنهن سان مثالي دوستي جو هڪ نئون تاريخي باب کلندو.

پاڪ سعودي لاڳاپن جي حوالي سان پاڪستان ۾ اڳوڻي سعودي سفير ڊاڪٽر علي عواض العسيريءَ هڪ عرب رسالي ۾ پنهنجي مضمون ۾ هن دوري کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته مملڪت سعودي عرب جو اسلامي جمهوريه پاڪستان سان غير معمولي محبت واري بنياد تي آهي ۽ اهو لاڳاپو سياسي معاملن کان مٿانهون آهي. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سياسي، دفاعي، اقتصادي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ اهو رشتو مضبوط کان مضبوط ٿيندو رهيو آهي سو اميد ڪري سگهجي ٿي ته نئين چونڊيل پاڪستاني وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جي ڪرشماتي قيادت ۾ اهي لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا.

ڊاڪٽر العسيريءَ وزيراعظم شهباز شريف جي انتظامي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته وڏي وزير جي حيثيت ۾ هن صوبي پنجاب جي شڪل ئي بدلائي ڇڏي هئي ۽ سندس وڏي ڀاءُ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پارلياماني ادارن کي مضبوط ڪيو ۽ پاڪستان کي مسلم دنيا جي واحد ايٽمي رياست بڻايو. سندس لکڻ آهي ته هڪ پاسي اولهه سرحد تي نازڪ صورتحال آهي، اوڀر سرحد جي ٻئي پار به انتها پسند طاقتن سبب ڪشمير مسئلو پيچيدگين جو شڪار آهي ۽ اندروني طور تي معاشي بگاڙ سياسي مضبوطي کي ئي نه پر ٻاهرين چئلينجن کي منهن ڏيڻ وارين صلاحيتن کي به متاثر ڪري ڇڏيو آهي. انهن حالتن ۾ شهباز شريف کي وزيراعظم طور ڪيترائي چئلينج درپيش هوندا. سعودي عرب هميشه پاڪستان جي فلاح ۽ خوشحالي جي جدوجهد ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺو هوندو آهي. اها فخر جوڳي روايت پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ ئي شروع ٿي چڪي هئي جڏهن 1940ع ۾ قرارداد پاڪستان جي منظوري کانپوءِ ان وقت جي ولي عهد شهزادا سعود بن عبدالعزيز ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ مزرا ابوالحسن اصفحاني سميت آل انڊيا مسلم ليگ جي اڳواڻن سندس ڀرپور آجيان ڪئي. هن سعودي عرب، گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان کي سڀ کان اڳ ۾ ميمبر ملڪ طور تسليم ڪيو هو. 1951ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو معاهدو به ٿيو هو. 1954 ۾ شاهه سعود ڪراچي ۾ هڪ هائوسنگ اسڪيم لاءِ پيڙهه جو پٿر رکيو جنهن کي سعود آباد چيو ويندو آهي. 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۽ پوءِ 1967ع جي عرب اسرائيل جنگ ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا.

1970جي ڏهاڪي ۾ شاهه فيصل ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾ ٻن طرفي لاڳاپن واري شاندار دور جي شروعات ٿي. 1974 جو او آءِ سي لاهور وارو اجلاس انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي هئي. پاڪستاني عوام کي شاهه فيصل سان محبت هئي. فيصل مسجد اسلام آباد، شاهراهه فيصل ڪراچي، فيصل چوڪ لاهور سڀ ساڻس منسوب آهن. 1983ع ۾ ٿيل ٻه طرفي دفاعي تعاون جي معاهدي جي روح موجب پاڪستان، سعودي عرب جي دفاعي صلاحيتن ۾ واڌاري لاءِ مدد ڏيندو آهي.

ياد رهي ته 1997ع ۾ پاڪستان پنهنجي آزادي جي پنجاهين سالگرهه جي موقعي تي او آءِ سي جو هڪ غير معمولي اجلاس ڪوٺايو هو جنهن ۾ شهزادا بن عبدالعزيز شرڪت ڪئي. 1998ع جي ايٽمي تجربن کانپوءِ پاڪستان مٿان لڳل سخت اولهه جي پابندين ۾ پڻ سعودي عرب پاڪستان جي هر طرح جي مدد ڪئي. نومبر 2018ع ۾ پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران سعودي ولي عهد پاڪستان لاءِ  6-2 ارب ڊالر جي هنگامي اقتصادي رليف پيڪيج تي صحيحون ڪيون هيون جنهن ۾ 3 ارب ڊالر جا قرض ۽ 3-2 ارب ڊالر جي تيل جي قرضن جي سهوليت ايندڙ ٽن سالن لاءِ سالياني بنيادن تي ڪيل هئي. ولي عهد شاهه سلمان 2019ع جي دوري ۾ 20 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ 10 ارب ڊالر جي آرامڪو آئل ريفائنري ۽ گوادار جي اسٽريٽجڪ بندرگاهه ۾ پيٽروڪيميڪل  ڪمپليڪس شامل آهن. ولي عهد پاڻ کي سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير قرار ڏنو هو. سعودي عرب کان سڀ کان گهڻو تيل وٺندڙن  ۾ چين شامل آهي ۽ سعودي عرب چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۾ شرڪت ذريعي پنهنجي عالمي معاشي لاڳاپن ۾ تبديلي آڻي رهيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي پهرين اوليت ملڪ ۾ غير معمولي معاشي بحران تي ضابطو آڻڻ آهي، جنهن لاءِ هو اضافي سعودي سهڪار حاصل ڪندو..

اڳوڻي سعودي سفير جو چوڻ آهي ته کيس ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سعودي قيادت پاڪستان کي ڪڏهن به مايوس نه ٿيڻ ڏيندي، اها ايندڙ عام چونڊن کان اڳ اتحادي حڪومت لاءِ مضبوط سياسي ماحول کي يقيني بڻائيندي، جيڪو پائيدار معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي، سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ورڪرز آهن جنهن ڪري اهو پاڪستان جو سڀ کان وڏو  پئسي اچڻ جو ذريعو آهي اسٽيٽ بينڪ  جي انگن اکرن مطابق جولاءِ 2019 ۽ اپريل 2020 جي وچ ۾ 4-4 ارب ڊالر وصول ٿيا پر ان ۾ گهڻي ڀاڱي غير هنرمند يا نيم هنرمند مزدورن جي ذمري ۾ اچن ٿا

سندس چوڻ آهي ته شهباز شريف حڪومت کي گهرجي ته اها  مهارت رکندڙ افرادي قوت جي تربيت لاءِ پيشه ورانه ادارا ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي ته جيئن پاڪستان سعودي ليبر مارڪيٽ ۾ تيزيءَ سان مقابلي ۾ ڪامياب ٿي سگهي،  پاڪستان وٽ سعودي عرب جي صنعتي ترقي ۾ حصو وجهڻ لاءِ ڪافي هنرمند نوجوان موجود آهن اهڙي طرح ناڻي جي پهچ جي ذريعي غير ملڪي مٽاسٽا وارو ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي. ان سلسلي ۾ پهريون قدم پاڪستانين جي ڀرتي ۽ مهارت جي تصديق جي حوالي سان ٻه طرفي معاهدن ذريعي  اڳ ئي کڻي چڪو آهي. پاڪستان جو نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن  ۽ سعودي حڪومت جو ماتحت ادارو  گڏيل ترقي طور تي ڪنگڊم اسڪلز ويريفڪيشن پروگرام جي تحت ان ڪم جو انتظام ڪندا، اهو پاڪستاني امڪاني فردي قوت کي ان قابل بڻائيندو ته هو سعودي عرب جي ترقياتي شعبي ۾ ڪامياب ڀرتي لاءِ هندستاني ۽ ٻين پرڏيهي اميدوارن سان مقابلو ڪرڻ  جوڳو بڻائيندا..

سيڙپڪاري ۽ واپار اقتصادي تعاون جا ٻه ٻيا اهم شعبا آهن جتي ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس ۽ صنعتن کي لاڳاپيل حڪومتي وزارتن جي سهڪار سان پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.سعودي حڪومت اڳ ئي پاڪستان ۾ ريفائنري  ۽ پيٽروڪيميڪل ڪامپليڪس  جي تقري ۽ ڪانڪني ۽ تجديد جوڳي توانائي تي 20 ارب ڊالر خرچ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي پر پاڪستاني معيشت جي ٻين شعبن ۾ خانگي سعودي ڪمپنين پاران سيڙپڪاري لاءِ ڪافي گنجائش موجود آهي.

هن پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي  ته پاڪستان جو شهر سيالڪوٽ سڄي دنيا ۾ راندين جي سامان ۽ سرجيڪل سامان جي مرڪز طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ اها سعودي سيڙپڪاري لاءِ هڪ مثالي جڳهه هوندي، ڪراچي ۽ فيصل آباد ۾ صنعتي زونز ان مقصد ۾ اضافي چونڊ ٿي سگهن ٿا، اڳ کان طئي ٿيل ريفائنري  ۽ پيٽرو ڪيميڪل پروجيڪٽس سعودي پبلڪ سيڪٽر جي سيڙپڪاري کي پاڪ-چين اقتصادي راهداري "سي پيڪ” ڳنڍين ٿا، اقتصادي راهداري سان گڏ ڪيترن ئي خاص اقتصادي زونن جي منصوبا بندي ترقي، جيڪا چين جي سنڪيانگ کان نڪري گوادر تي ختم ٿئي ٿي، سعودي پڻ نجي سيڙپڪاري کي راغب ڪري سگهي ٿو، تنهنڪري ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن کي پاڪستان-سعودي لاڳاپن تي وڌيڪ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب لاڳاپن جي گهرائي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن وٽ پنهنجي ملڪيت ”پاڪستان هائوس“ مديني منوره ۾ آهي. دنيا جي ٻين مسلمان ملڪن جي مديني ۾ ڪا به ملڪيت نه  آهي.

هتي اسلام آباد ۾ سياسي معاملن جي ماهرن  به ان دوري کي انتهائي اهم قرار ڏنو آهي ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته موجوده صورتحال ۾ پاڪ-سعودي اقتصادي سهڪار ۾ اضافو ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.