بلوچ پيش مرگه

تحرير: انور ساجدي

منهنجو خيال آهي ته موجوده صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ نه بلوچ وٽ ڪو ٽيون رستو آهي نه ئي رياست وٽ، بلوچ گهڻو پري هليو ويو آهي سياست کان به رياست کان به، ايتري تائين جو هو پنهنجو پاڻ کان به،وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ طاقت جي گادي واري هنڌ لاهور ۾ ڪو به هي مسئلو سمجهڻ جي لاءِ تيار ئي نه آهي،بلڪه وقت به وقت جيڪي غير سنجيده قدم سامهون اچن ٿا اهي مزاح جي سان ڀريل  هوندا آهن، جيئن اڳوڻي حڪومت جلاوطن اڳواڻن سان ڳالهين جي شاه زين بگٽي جي قيادت ۾ هڪ  ڪميٽي جوڙي هئي يا نوازشريف پنهنجي دوري ۾ ان وقت جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ کي ڳاليهن جو اختيار ڏئي ڇڏيو هو. اهو اختيار راولپنڊي وارن واپس وٺي ڇڏيو هو،اهڙي طرح نئين وزيراعظم ميان شهباز شريف پنهنجي تازي ڪوئيٽا جي دور دوران  اهو چيو هو ته هو اقتداري طاقتن سان مسنگ پرسنز جي باري ۾ ڳالهائيندو، جيتوڻيڪ هڪ وزيراعظم جي زبان مان اها ڳالهه عجيب لڳي ٿي پر شڪر آهي جو هن سچ ڳالهايو، پنهنجي ڀاءُ ۽ عمران خان جيان ڪوڙ نه ڳالهايو،ڪافي ڊگهي ڪهاڻي آهي  ان جا بي شمار پهلو افسوسناڪ ،المناڪ ۽ انساني تذليل جي دائر ي ۾ اچن ٿا. جنهن جو حاصل اهو آهي ته ملڪ تي قابض پنجابي ايليٽ ڪو ٽيون رستو ڪڍڻ تي آماده نه آهي،ان جو اهو پڪو يقين آهي ته هو طاقت جي استعمال سان بلوچستان جي بغاوت کي قابو ڪري وٺندو ، مان ڪيترا ڀيرا انهن جي زبان مان ٻڌو آهي ته ڪجهه ڇوڪرا ڇا ٿا ڪري سگهن انهن کي ختم ڪرڻ کاٻي هٿ جو کيل آهي.

تنهنڪري اهو معاملو ڪافي پيچيده ۽ گهڻو منجهيل تمام حساس ۽ خطري سان ڀريل آهي.لاهور،راولپنڊي ۽اسلام آباد جي اقتداري ڪابر بلوچستان جي زميني حقيقتن کان آگاهه نه آهن. ۽ اهي عوام جي جذبن کان بي خبر آهن.بلوچستان جي جنگ کي فاٽا ۽ ٻين علائقن جهڙي جنگ سمجهي رهيا آهن،۽ انهن جو خيال آهي ته  پاڻ کان  ڪمزور دشمن کي آساني سان شڪست ڏئي سگهن ٿا.

سوچن ۾ ڪهڙو فرق آهي ان جو اندازو شاري بلوچ جي واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي آيل مختلف ويچارن مان لڳائي سگهجي ٿو. پنجاب مان ايندڙ آواز ۾ چيو ويو آهي ته  اهڙا آپگهاتي حملا چريائپ آهي ۽ دشمنن نوجوانن جو برين واش ڪري پاڪستان کي نقصان پهچائڻ لاءِ تيار ڪيو آهي، اهڙو ردعمل گهڻو آهي پر سڄي دنيا مان بلوچن جيڪو  ردعمل ڏنو اهو گهڻو مختلف آهي.

انهن جي مطابق شاري هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي شاري بلوچ تاريخ جي اها هيرو ئين آهي جنهن جي قرباني هميشه ياد رهندي، شاري جي هن خودڪش حملي کي مختلف نالن ۽ ۽ساراهه م هن کي وڏا لقب ڏنا ويا آهن.ماڻهن هڪ طرف ڏک ته ٻئي طرف خوشي جو  اظهار ڪيو آهي رات پيٽ ۾ هڪ عظيم ادب وجود ۾ اچي رهيو آهي. عوام شاري جي شان ۾ هزارين نظم لکيا آهن.

خير اهو ذڪر ڪرڻ بي سود آهي ته بلوچ ڪلاسيڪل ادب ۾ شري ۽ شالي ٻه اهم ڪردار آهن، اهي ماڻهو عام ڳالهه نه ٿا سمجهن، سو هنن کي تاريخي ۽ڪلاسڪ ادب جي باري م ڇا سمجهائجي،نه ئي وري انهن کي ڪا دلچسپي آهي.بلڪه اهي ته جنگي ۽معاشي نقطه نظر سان بلوچستان کي ڏسي رهيا آهن.کين رڳو بلوچستان جي وسيلن سان دلچسپي آهي.ماڻهن سان نه آهي، اها ساڳي نوآبادياتي ۽ سامراجي سوچ آهي جيڪا يورپ جا گورا کڻي آمريڪا  ويا هئا، اڄ اها عظيم زمين ۽ وسيلا انهن کي ڪم اچي رهيا آهن.پر مقامي ماڻهو ختم ٿي ويا آهن.پر پاڪستاني حڪمرانن اهو وساري ڇڏيو آهي ته بلوچن جي پوزيشن مختلف آهي. اهي  رڳو پاڪستان ۾ آباد نه آهن بلڪه ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهن ٿا جنهن ۾ ايران، افغانستان ۽ وچ اوڀر شامل آهن.

نواب اڪبر خان جي شهادت کان پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، سا آهستي آهستي اڳتي وڌي رهي آهي، جنرل مشرف جو خيال هو ته هڪ ڪراڙي بلوچ کي مارڻ سان ڪا قيامت نه ايندي،پر قيامت اچي وئي جيڪا اڃان تائين جاري آهي.جنهن جي خبر ناهي پڄاڻي ڪهڙي ٿيندي؟پاڪستان جا سمورا سياستدان سطحي سوچ رکن ٿا۽ اهي هر موقعي تي رياست سان پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن يا ڪو به موقعو هٿان نه وڃا ئيندا آهن، هو معاملي جي تهه  تائين پهچڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهن، اهي انهن سببن ۽ عملن جي جاچ ڪرڻ جي قوت کان عاري آهن جيڪي خودڪش حملن  جهڙن سانحي کي جنم ڏئي رهيا آهن.

وزير اعظم کان وٺي بلاول ڀٽو ۽ اختر مينگل تائين سڀني واقعي جي مذمت ڪئي پر ڪنهن به اهو نه سوچيو ته شاري ۽ هن جهڙا نوجوان ان انتها تي ڪيئن پهچي ويا.

رياست جي پاليسي آهي طاقت کي طاقت سان ڪچليو وڃي، هن وقت تائين اها پاليسي ڪامياب ٿيندي نظر نه ٿي اچي، ڇاڪاڻ ته دنيا جو دستو اهو آهي ته طاقت جي استعمال سان تشدد وڌي ٿو ۽ ان جي وڌيڪ استعمال سان تشدد وڌندو آهي،پاڪستاني حڪمران  ان  عام بلوچ جيڪو ميدانن ۾ بک ۽ رياستي ذلت سهي ٿو يا اتي غيرانساني زندگيءَ گهاري ٿو.ان جي احساسن کي سمجهڻ کان قاصر آهن. جيئن ئي شاري  بلوچ جي واقعي کي ملڪ ۾ هڪ ٻئي طرح سان ڏٺو پيو وڃي پر سموري بلوچستان ۾ان کي  مختلف  پهلو سان  ڏٺو پيو وڃي، اتي جي  گهٽ ماڻهن کي افسوس ٿيو آهي.اهي وطن تان سر ڏيڻ جي قرباني ناز ڪن پيا. ان کان هٽي ڪر ي ته اهو درست هو يا غلط ،ڇا اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته  اهڙي صورتحال ڇو پيد ڪئي وئي ؟

مان اڄ ٽوئيٽر تي بلوچ نوجوانن عورتن جي فدائي دستي جو ترانو ٻڌي رهيو هوس. مونکي پهريون ڀيرو خبر پئي ته عورتن جي وڏي انگ ڪرد عورتن جيان بلوچ پيش مرگه جوڙيو آهي ۽ سوين نوجوان عورتون پنهنجي جان ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن، انهن فدائي عورتن جو ترانو براهوي زبان ۾ هو،ان ۾  بلوچ سرزمين جي ساراهه ڪيل آهي ۽ ان عزم جو اظهار ته اهي پنهنجي امل پنهنجي هانل ۽مادر وطن لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن. امل ۽حانل بلوچي ٻولي  م محبوبه جو نالو آهي.

ڪجهه غور ۽فڪر جي ضرورت آهي ۽ سوچيندي غداري جي سرٽيفڪيٽ واري فيڪٽري کي ٿوري دير جي لاءِ بند ڪرڻ  جي ضرورت آهي ته 16 سالن جي عرصي ۾ ڪيترا ماڻهو غائب ٿيا .ڪيترن ماڻهن جا لاش ۽ڪيترن ماڻهن جا چچريل لاش برامد ٿيا ۽اهي هزارين ماڻهون ڪيڏانهن ويا جن جا وارث نه روئي سگهن ٿا نه سمهي سگهن ٿا.

انهن معاملن نوجوانن کي مجبور ڪيو آهي ته اهي پاڻ هٿ سان ئي پنهنجي حياتي ختم ڪري ڇڏين.

ڪراچي يونيورسٽي واقعي کان پوءِ هڪ چيني حڪومتي صحافيءَ تجويز ڏني هئي ته جيڪڏهن پاڪستان چيني شهرين  کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي ته  پوءِ چيني حڪومت پاڻ ئي، بي ايل اي جي اڏن تي بمباري ڪري، جنهن مان صورتحال جي سنگينيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

 جڏهن ماڻهو مرڻ لاءِ تيار هوندا ته شهرين کي مارڻ جو ڪو به فائدو ناهي، جيڪڏهن وڌيڪ طاقت استعمال ڪئي ويندي ته وڌيڪ خودڪش بمبار پيدا ٿيندا، جڏهن وڌيڪ خودڪش بمبار پيدا ٿيندا ته نه سي پيڪ ۽ نه ڪو ريڪوڊڪ ڪم ڪندو، ان ڪري حڪمرانن کي سوچڻ  جي ضرورت آهي ته رياست جو فائدو ڇا ۾ آهي ڳاليهن لاءِ ڪو تيار نه آهي ته گهٽ ۾ گهٽ تجويزون گهرائي وٺو، ٿي سگهي ٿو ڪو رستو نڪري. اچي.

پاڪستان جي بچاءَ واري وزير ۽ پنجاب جي نامور سياستدان خواجه اظهار  جو هي ٽوئيٽ قابل ذڪر آهي،جنهن ۾ هن اربين روپيا کڻي ملڪ کان فرار ٿيندڙ فرح گوگي جي  تصوير سان لڳائي آهي ٻئي پاسي شاري بلوچ جي تصوير لڳائي آهي.جيستائين بنيادي تضاد حل نه ٿيندا تيستائين پاڪستان انهن ٻن انتها ئن ۾ الله نه ڪري وکري نه وڃي،ذڪر ڪيل  ٽوئيٽ ۾ چيو ويو ته هڪ عورت سياسي ۽ حڪومتي سرپرستي هيٺ ارب پتي بڻجي وئي ۽ هڪ پڙهيل لکيل عورت سياسي ۽ حڪومتي بي حسي سبب آپگهاتي دهشتگرد بڻجي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.