نيٺ حمزه شهباز حلف کڻي ورتو

تحرير: حبيب ٽالاڻي

پي ٽي آءِ  سرڪار جي خاتمي کانپوءِ  ملڪ ۾ جيڪا سياسي صورتحال نطر اچي پئي ۽ جنهن پاسي حالتون وڃي رهيو آهن، ان مان ته اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون ڇو ته عمران خان ڪنهن به قيمت تي جلد کان جلد ملڪ ۾ عام چونڊون ڏسڻ جي خواهش رکي ٿو اهو ان ڪري ته عمران خان کي پڪ آهي ته هن جي پارٽي جوگراف يا پاپولرٽي عروج تي آهي جيڪڏهن ملڪ ۾ عام چونڊون ٿين ٿيون ته سندس پارٽي اڪثريت سان سوڀاري ٿي ايندي. ٿي سگهي ٿو ته اهڙي سوچ شيخ رشيد عمران خان جي  ذهن ۾ ويهاري ڇڏي هجي پر حقيقتون ان جي بلڪل ابتڙ آهن. اقتدار جي هوس ۽ ٻين کي اقتدار ۾ ڏسڻ واري عمل کي برداشت نه ڪرڻ ملڪ جي اعلي عدالتن جي فيصلن خلاف غلط ڳالهائڻ توڙي صدر عارف علوي ۽ گورنر پنجاب پاران حمزه شهباز جي حلف کڻائڻ واري اشوز تي عدالتي فيصلن تي عمل نه ڪرڻ توڙي ملڪ ۾انتشار پيدا ڪرڻ واري ڪردار سبب پي ٽي آءِ  جوسياسي گراف عوامي سطح تي بلڪل ڊائون ٿي چڪو  آهي ۽ وري رهيل ڪسر سعودي عرب واري واقعي پوري ڪري ڇڏي آهي سعودي عرب ۾ پاڪستاني وفد سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو نه ٿيڻ کپي ها سياسي مخالفت پنهجي جاءِ تي مقدس جاين تي احتجاج ڪرائي جتي پي ٽي آءِ  وارن اسلامي تقدس پامال ڪيو اتي پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ وارو ڪردار پڻ ادا ڪيو آهي خبر ناهي ته عمران خان کي اها صلاح ڪنهن ڏني ته بابا سعودي عرب ويندڙ وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا خلاف اتي احتجاج ڪرائجي ۽ وري خان ڀاِئي به ڪجهه سوچڻ بنا ڪيئن ها ڪئي ته ڀل اتي احتجاج ڪرايو وڃي ظاهر آهي عمران خان جي مرضيءَ بنا هي سڀ ڪجهه ناهي ٿيو ان ۾ عمران جي مرضي بلڪل شامل آهي جيڪڏهن اهو سڄو عمل پلان ٿيل نه هجي ها ته پوءِ شيخ رشيد هڪ ڏينهن اڳ ڪيئن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سڀاڻي ڏسجو سعودي عرب ۾ ڪيئن ٿو وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا جو استقبال ٿئي؟ شيخ رشيد پاران اڳواٽ ڪيل پريس ڪانفرنس مان ظاهر ٿي ويو ته سڄو واقعو پلان ڪري ڪيو ويو آهي ۽ وري اهم ڳالهه ته شيخ رشيد جو ڀائيٽو اتي بيهي وڊيو ريڪارڊ ڪري شيئر ڪرڻ ۾ پورو هو ته ڏسو ڪيئن ٿيپاڪستاني وفد سان حالت ٿئي ۽ وري حيرت واري ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آءِ  جي سڄي ٽاپ مرڪزي قيادت ان عمل تي ڏاڍو خوش ٿي وڊيوز شيئر ڪندي نظر آئي انهن جون وايون ته ان مهل بتال ٿيون جڏهن سڄي دنيا ۾ عام ماڻهن اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪئي جنهن بعد پي ٽي آءِ  وارا سڃاڻي ڪانو وانگي ٻه ٽنگا ڦاٿا ۽ ڪيترن ئي اڳواڻن سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيل پوسٽ ڊليٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ سڄي پي ٽي آءِ  قيادت سعودي عرب واري واقعي تي ڊفينس واري پوزيشن تي هلي وئي. پي ٽي خلاف جيڪو ڪم حڪمران اتحاد نه ڪري سگهي اهو ڪم پي ٽي آءِ  وارن پنهنجي خلاف پاڻ ڪري ڇڏيو جو حالت اها آهي ته سڄي ملڪ ۾پي ٽي آءِ  خلاف شديد عوامي ردعمل سامهون اچي پيو. ان صورتحال مان پي ٽي آءِ  جو ٻاهر نڪرڻ سولو ڪم نه هوندو خير جيڪڏهن عمران خان اڃا به سمجهه کان ڪم وٺڻ بدران شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري جي صلاحن تي هلندو رهيو ته پوءِ پي ٽي آءِ  جو الله حافظ سمجهو وڃي. شيخ رشيد جنهنجي پنهنجي هڪ سيٽ واري پارٽي آهي پر هو وڏو هوشيار ماڻهوآهي سڄي پي ٽي آءِ  کي آنڱرين تي نچائي رهيو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ئي شيخ رشيد هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته جيڪڏهن 30 جون کان اڳ ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان نه ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ حالتون خراب ٿي وينديون اسان اسلام آباد طرف مارچ ڪنداسين جنهن سبب ملڪ ۾ گهرو ويڙهه واري صورتحال پيدا ٿي ويندي هاڻي شيخ رشيد ڪو بلاول ڀٽو جهڙو ليڊر ته ناهي جو هو لکين ماڻهو ساڻ ڪري اسلام آباد اچي ڌرڻو هڻي ويهندو ظاهر آهي هو جيڪي ڊراڙون هڻي پيو اهو پي ٽي آءِ  جي زورتي هڻي پيو شيخ رشيد جي اهڙي بيان بعد عمران خان جو بيان به سامهون آيو ته اسان 20 لک ماڻهون گڏ ڪري اسلام آباد طرف مارچ ڪنداسين مطلب اڳ ۾ ڳالهه شيخ رشيد ڪئي ڄڻ تحريڪ انصاف سربراهه شيخ رشيد آهي.

 خير عمران خان جي مرضي آهي ڀل اسلام آباد طرف مارچ ڪري پر شيخ رشيد پي ٽي آءِ  وارن جي اها حالت ڪرائيندو جهڙي حالت مونس الاهي چوڌري پرويزالاهي جو ڪرايو آهي مطلب ته جڏهن نواز ليگ وارن چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏيڻ جي حامي ڀري دعا خير به ٿي پر صبح جو مونس الاهي پنهنجي پيءُ پرويزالاهي کي عمران خان وٽ وٺي وڃي اعلان ڪرايو ته اسان پي ٽي آءِ  سان گڏ آهيون جيڪا پرويزالاهي جي هڪ وڏي سياسي غلطي هئي خير هن جي مرضي پر ٿيو ڇا؟ مونس الاهي جي صلاحن تي چودري پرويز جتي پنجاب جي وڏ وزارت وڃائي اتي چوڌري خاندان ۾اختلاف پڻ پيدا ٿي ويا ۽ چوڌري شجاعت حسين الڳ ٿي ويو ۽ وري وزيراعليٰ جي چونڊ دوران پنجاب اسيمبليءَ ۾ جيڪو ڪجهه چوڌري پرويز الاهي سان ٿيو شايد هن کي سڄي زندگي نه وسري خير هن جي مرضي ڇا به ڪري پر جيڪڏهن عمران خان سمجهه کان ڪم نه ورتو ته شيخ رشيد مونس الاهي بڻجي عمران خان کي پرويزالاهي بڻائيندو ان ڪري ته عمران خان به هر حالت ۾ اسلام آباد طرف مارچ ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي پر عمران خان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته اسلام آباد طرف مارچ ۾جڏهن لکين ماڻهو شامل هوندا ته لازمي ناهي ته هڪ ته سڀ پر امن هجن ۽ ٻي ڳالهه اها ته سڀ پي ٽي آءِ  جا ڪارڪن هجن ان هجوم ۾ اهڙا ماڻهو به شامل هوندا جيڪي هٿ سان وڳوڙڪرائي حالتون خراب ڪرائيندا اهڙا ماڻهو پي ٽي آءِ  جي صفن ۾ به موجود آهن جيڪي ڪنهن به ريت پرامن ڌرڻو نه هڻندا جنهن سان حالتون خراب ٿينديون جنهن جو ذميوار پڻ پي ٽي آءِ  هوندي نه رڳو اهو پر حالتون ان کان به وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون ان ڪري پي ٽي آءِ  قيادت سوچي فيصلا ڪري ته اهو انهن لاءِ بهتر هوندو. هتي سوال اهو پڻ آهي ته  آخر پي ٽي آءِ  قيادت کي چونڊن جي تڪڙ ڇو آهي؟ اڃان ته هنن کان اقتدار کي ويندي هڪ مهينو به ناهي ٿيو هنن هاءِ گهوڙا شروع ڪئي آهي  ۽ اهم ڳالهه اها ته ڇا جيڪڏهن ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايون به وڃن ته ڇالازمي آهي وري پي ٽي آءِ اڪثريت سان کٽي اچي حڪومت ٺاهي؟ لازمي ناهي ائين ئي ٿئي پر هنن همراهن کي شيخ رشيد به ڇڏي نه. ميرجعفر ۽ مير صادق هنن جي صفن ۾ ويٺا آهن جيڪي هنن جي ٻيڙي ٻوڙي پوءِ سک سان ساهه کڻندا.

 خير اها پي ٽي آءِ جي مرضي آهي ڇا به ڪن پر هوڏانهن  چوڌري پرويزالاهي ۽ پي ٽي آءِ جي لک ڪوشش رهي ته ڪنهن به طرح پنجاب جي نئين چونڊيل وزيراعلي حمزه شهباز جي حلف کڻڻ اڳيان رڪاوٽون وڌيون وڃن پر هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي حڪم ڪيو آهي ته هو حمزه شهباز کان حلف ورتو وڃي. عدالت جي اهڙي حڪم بعد پي ٽي آءِ  وارن جون وايون بتال ٿي ويون آهن۽ ڪالهه تائين رات جو ايمرجنسي ۾ڪورٽون کلڻ واري عمل خلاف سخت ردعمل ظاهر ڪندڙ پي ٽي آءِ وارا پاڻ احتجاج ڪندي نظر آيا بابا جلدي اسان لاءِ به رات جوڪورٽون کوليو سوال اهو آهي ته پنهنجي مٿان وقت آيو ته منٽ ۾رڙيون ٿا ڪن ته ڪورٽون کوليو پر جڏهن آئين کي ٽوڙي ملڪ جي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ابتڙ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي ته عدالتون رات جو کلي ويون ۽ آئين جو دفاع ڪيو ته ان مهل ڪورٽن جي کلڻ تي هل هنگامو لڳو پيو هو هاڻي چون پيا ته ڪورٽون کوليو. هاڻي انهن کي خبر پئي ته ڪورٽون رات جو ڇو کليون هاڻي اهي همراهه ان ڪري رات جو ڪورٽون کولڻ جو مطالبو ڪندي نظر آيا ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل ڪجي متان شهبازشريف حلف کڻي وڃي. جڏهن عدالتن مان اهي نااميد ٿيا ته وري انهن ڪيو ڇا پنهنجي گورنرپنجاب کان هڪ مهينو اڳ استعيفي ڏيندڙ بوزدار جي استعيفي رد ڪرائي ڇڏيو ۽ گورنر پاران اعلان ڪيو ويو ته بوزدار ڪابينا بحال ڪئي وئي آهي.

اهو سڄو ڊرامو ان مهل ڪي ويو جڏهن حمزه شهباز جي حلف کڻڻ جو تياريون مڪمل هيون. اسپيڪر قومي اسيمبلي گورنرهائوس پهچي چڪو هو پر ٿيو ڇا گورنر جو هڪ نه هليو عمران خان ۽ سندس ٽيم لک ڪوششون ڪيون ته حمزه شريف وڏ وزارت جو حلف نه کڻي پر حمزه شهبازشريف حلف کڻي ورتو آهي توڙي جو عمران خان حمزه شهباز جي حلف کڻڻ اڳيان کوڙرڪاوٽون وڌيون ايتري تائين صدرعارف علوي ۽ گورنر پنجاب کي غير آئيني طور تي آئيني ڪم ڪرڻ کان به روڪيو ته انهن کان غير آئيني ڪم به ڪراياويا پر پوءِ به ڪجهه نه ٿيو ويتر صدر ۽ گورنر لاءِ مسئلا پيدا ٿيا رڳو عهدن تان لهڻ جي دير اٿن انهن ٻنهي همراهن مطلب صدرعارف علوي ۽ گورنر پجاب آئين جي پاسداري ڪرڻ بدران عمران جي غير آئيني حڪمن جي پاسداري ڪئي. ڪورٽ هنن کي حڪم ڪيو ته حمزه شهباز کان حلف ورتو وڃي پر اهم آئيني عهدن تي ويٺل انهن همراهن آئين خلاف ڪم ڪيو ان ڪري لاهورهاءِ ڪورٽ ملڪ جي اهم آئيني عهدن تي ويٺل انهن همراهن خلاف فيصلو ڏيندي چيو ته انهن آئين جي ابتڙ ڪم ڪيا آهن. مستقبل ۾ انهن ٻنهي فردن خلاف عدالتن ۾ ڪيس هلندا باقي گورنر ته اڄ سڀاڻي وڃڻ وارو آهي پوءِ ڏسجو ڪيئن ٿو همراهه قابو ٿئي.

 چوندا آهن ته غلطي ڪرڻ کان پوءِ بهتر عمل اهو هوندو آهي ته ڪيل غلطي مان سبق سکي اڳتي وڌجي پر عمران خان ۽ سندس ٽيم غلطين مان سبق سکڻ بدران غلطين مٿان غلطيون ڪري پئي جنهن سبب اهي ڪنهن وڏي آئيني ڄار ۾ پاڻ ڦاسائي ويهندا هاڻي به وقت آهي ته عمران خان غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري نه ته وقت وڏو ظالم آهي ڪنهن تي بي رحم نه ڪندو ائين نه ٿئي ته عمران خان به وقت جي وهڪرن ۾ لڙهي وڃي ۽ کيس بچائڻ وارو به ڪير نه هجي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.