ملير پوليس جون ڪارروايون، جوابدار گرفتار

ملير (ڊ.ر) ايس ايس پي ملير جي هدايتن تي ملير جي مختلف ٿاڻي جي پوليس جون ڌار ڌار ڪاروائيون، ابراهيم حيدري پوليس  ڪاروائي ڪندي گلشن انصار الياس ڳوٺ ۾ اطلاع تي ٻه ڦورو جيڪي شهرين کان ڦر ڪري رهيا هئا جن مان هڪ گرفتار، ٻئي طرف شرافي ڳوٺ پوليس ڪاروائي ڪندي مختلف ڏوهن ۾ گهربل چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، سندن قبضي مان ٽي موٽر سائيڪلون، هڪ پسٽل، ڦر ٿيل موبائيل فونون هٿ ڪري ورتيون آهن، ان ڏس ۾ ملير پوليس جي ترجمان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر جي خاص هدايتن تي ملير جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪاروائيون ڪندي مختلف ڏوهن ۾ گهربل پنجن ڄڻن کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ورتو، ملير پوليس جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ابراهيم حيدري پوليس گلشن انصار الياس ڳوٺ ۾ ڪاروائي ڪندي ٻن موٽر سائيڪل ڦوروئن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي هڪ جوابدار نور الامين ولد ابو شمع کي گرفتار ڪري وٽان ڦر ڪيل روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيا ضروري ڪاغذ هٿ ڪري ورتا، ٻئي پاسي شرافي ڳوٺ پوليس مختلف هنڌن تي ڪاروائيون ڪندي موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ هڪ جوابدار رستم ولد عارف کي ملير ندي وٽان گرفتار ڪري وٽان موٽر سائيڪل HDG-5740 هٿ ڪري ورتي آهي، جڏهن ته شرافي ڳوٺ پوليس هڪ ٻي ڪاروائي ڪندي مرتضيٰ چورنگي وٽ عدنان عرف ڏاڙهي وارو ولد منور خان کي گرفتار ڪري روتو . جڏهن ته سندس ٻيو ساٿي معراج عرف باجو ولد مشرف علي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، هوڏانهن شرافي ڳوٺ پوليس هڪ ڪامياب ڪاروائي ڪندي اسٽريٽ ڪرمنل جيڪي عادي مجرم هئا انهن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو جن جي سڃاڻپ شهباز ولد شبير ۽ عابد علي ولد نبي بخش جي نالن سان ٿي جن وٽان ٻه پسٽل ۽ هڪ موٽر سائيڪل نمبرKBX-9946 ۽ موبائل فون برآمد ڪري ورتا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.