ميان صاحب ۾ استاد مختيار علي راجپوت دل جو دورو پوڻ سبب فوت

ميان صاحب ( ن ع آ ميان صاحب شهر جي گورنمينٽ اردو بوائز. پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر ۽ سماجي اڳواڻ 52 ورهين  جو استاد مختيار احمد راجپوت کي جمعي ۽ ڇنڇر واري رات جو دير سان دل جي تڪليف ٿي جنهن کي وارث نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا تہ هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن بعد سندس وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو سندس مڙھ کي آلي اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

  • دڙي ۾ صحافي اعجاز اختر ميمڻ جو ڀاءُ دو جو دورو پوڻ سبب فوت

دڙو  (ن ع آ) دڙي جي سينيئر صحافي اعجاز اختر ميمڻ ۽ باغي مختيار ميمڻ جو وڏو ڀاءُ اڳوڻو اسسٽنٽ مختيار ڪار محمد عمر عرف ابلو ميمڻ دل جي دوري سبب ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سندس مڙھ کي دڙي شھر آندو ويو کيس اڄ صبح سندس اباڻي قبرستان پيرڦل بادشاھ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

  • حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ جي گرفتاري خلاف مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي حيدرآباد پاران نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ نثار ڪيريو جي گهر تي چڙهائي ڪري سندس گهر واري ۽ ڀاءُ ڪامران ڪيريو کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي لياقت جويو، رستم لاشاري، عرفان بروهي، حنيف پريو، تابوت سولنگي، بابو شيدي ۽ ٻين چيو ته نوابشاهه پوليس نثار ڪيريو جي گهر ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻاڙن تي تشدد ڪرڻ کان پوءِ سندس گهرواري ۽ ڀاءُ ڪامران ڪيريو کي گرفتار ڪري وئي آهي. جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته ايس ٽي پي اڳواڻن خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي. جيڪو عمل افسوسناڪ آهي. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي نثار ڪيريو جي گهر واري ۽ ڀاءُ کي آزاد ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.