ميرپورخاص ۾ نينگر سان زيادتي ڪندڙ جوابدار جي ضمانت ٿيڻ خلاف ريلي

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) استادن ارباب سميجو،غلامقادر بروهي، حبيب ڪانهيو، سول سوسائٽي جي جئه رام، ڊاڪٽر اسماعيل شر، ايس يو پي اڳواڻ مصطفيٰ جمال شر، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ اعجاز شر  ۽ ٻين چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ هڱورني جي بااثر وحشي صفت انسان گُل شر پاران 10 ورهين جي معصوم شاگرد ڪيلاش ميگھواڙ کي پنهنجي وحشت جو نشانو بڻايو جنهن جي اطلاع حد جي ٿاڻي کي ڏيڻ جي باوجود پوليس بااثر جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ سستي جو مظاهرو ڪندي جوابدار کي فرار ٿيڻ ۽ عدالت مان عبوري ضمانت حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو جنهن جوفائدوکڻندي جوابدا عدالت مان عبور ضمانت حاصل ڪري معصوم شاگرد جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ بيان تبديل ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. هنن چيو ته پوليس جي نااهلي ۽ ڏوهاري ماڻهن جي ڇڙواڳي جي ڪري هاڻ اسڪول جا معصوم شاگرد به محفوظ نه رهيا آهن وحشي صفت جوابدار پاران معصوم شاگرد کي ڏاڍائي جو نشانو بنائڻ ۽ پوليس جي روايتي ڪاهلي جي ڪري جوابدار جي عدم گرفتاري سبب علائقي جي شاگردن ۽ سندن وارثن ۾ خوف ڇائينل آهي واقعي بعد وارثن شاگردن کي اسڪول موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن اهڙي صورتحال جاري رهي ته وارث ٻارن کي اسڪول موڪلڻ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيندا ۽ عوام جو اعتماد انصاف ۽ پوليس تان کڄي ويندو. هنن مطالبو ڪيوته معصوم شاگرد کي وحشت جو نشانو بنائيندڙ وحشي جوابدار جي ضمانت عدالت مان رد ڪرائي کيس گرفتار ڪيو وڃي ٻيصورت ۾ عيد جي موڪلن بعد هڱورني شهر جي سوين رهواسي، اسڪول جا استاد شاگرد ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي آفيس جي اڳياڻ ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.