مٺي لڳ اسڪولي عمارت زبون، ڳوٺاڻن جو احتجاج

مٺي (بيورو چيف) مٺي ويجهو ڳوٺ ڪپوسر ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول زبون حال بڻجي وئي،بلڊنگ ۾ چئوطرف ڏار پئجي ويا آهن،ڪنهن به وقت ڇت ڪرڻ جو خدشو موجود آھي،تباھ ۽ ڪريڪ ٿيل اسڪول ۾ پڙھندڙ نياڻين جي زندگي غيرمحفوظ بڻيل آهي،اسڪول ۾ فرنيچر نه هئڻ سبب شاگردياڻيون پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن،اُنهي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن پهلاج ڀيل،ڪمليش ڀيل،ڪلو ڀڳت،جامون ڏاناڻي،گهمن هيراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ڪپوسر ۾ گرلس اسڪول ۾ چاليھ کان پنجاھ نياڻيون پڙھن ٿيون پر اسڪول ۾ ڪو به بنيادي سهوليت موجود ناهي،اسڪول جي بلڊنگ زبون حال بڻجي وئي آھي ڪيترن ئي سالن کان مرمت ناهي ٿي،نياڻين جي اسڪول ۾ واشروم جي به سهوليت ناهي،پيئڻ جي پاڻي لاءِ سهوليت ناهي،ڳوٺ ۾ بجلي هئڻ باوجود اسڪول ۾ لائيٽ ناهي،هنن وڌيڪ چيو ته اسڪول جي بلڊنگ تباھ ٿي وئي هر طرف کان ڏار پئجي ويا آھن،تيز هوائن يا برساتن سبب ڪنهن به وقت اسڪول جي ڇت ڪرڻ جو خدشو آھي،اسان وزيراعلىٰ سنڌ مراد علي شاھ،وزير تعليم،تڪ جي ايم پي اي ۽  ٻين وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته فورن نوٽيس وٺي گرلس اسڪول لاءِ اسپيشل بجيٽ منظور ڪرائي وڃي ته جيئن اسڪول جي بهتر نموني مرمت ۽ فرنيچر وغيره جو بندوست ٿئي ته جيئن نياڻيون بهتر نموني تعليم پرائي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.