اجرتن جي تحريڪ ۽ سرمائيداراڻو نظام

تحرير: ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي

شڪاگو “ مان جنم وٺندڙ اجرتن جي بهتري جي تحريڪ هاڻي سرمائيداري جي وجود کي هميشه لاءِ دفن ڪندڙ تحريڪ بڻجي چڪي آهي ،پورهيت طبقي جي هيءُ تحريڪ انسان جي اجتمائي خوشحالي ۽ دنيا کي واحد امن جو مورچو بڻجي چڪي آهي .،ڇو ته سرمائداري ءَ پنهنجي وجود سان ئي انسانن ۾ نفرتون بک، بيماري ، بيروزگاري ، ماحولياتي تباهي ،وهندڙرت ۽ هيءُ سموريون جنگيون ورهاست جي بنياد تي آهن سرمائيداري جا بنياد ان جي عبارت آهن. ڏٺو وڃي اڄ به ماضي وانگر سموري دنيا سرمائيداري جو بحران گهرو ٿيندو وڃي پيو ۽ ان جا سماجي معاشي ۽ سياسي اثر هر خطي تي مرتب ٿي رهيا آهن يورپ ۽ اتر امريڪا جا ملڪن کي سرسي طورتي جڏهن ته خاص طور تي يورپ جي جا ملڪ سخت بحران جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهن. پوئين صدي جي سڀ وڌيڪ سامراجي و سرمائيداري جا منصوبا يعني يورپي يونين جو ڳٺ جوڙ ۽ سندن بقا خطري ۾ پئجي وئي آهي.

هن معاشي بحران جا اثر ترقي پزير صنعتي ملڪن مان نڪري ايشيا ،آفريڪا، ۽ لاطيني آمريڪا جي معيشتن ٻئي طرف موجودهه سماج ۾ وڌندڙ ٽڪراءُ معاشي ترقي جي ابتري کي جنم ڏئي رهيا آهن ڪمزور ۽ دم ٽوڙيندڙ معيشتون هر اچڻ واري ڏينهن ۾ وڌيڪ نون بحرانن کي جنم ڏئي رهيا آهن .اڃان هڪ مسئلي کان ڇوٽڪارو ملي نه ٿو ته ان اڳ ۾ هڪ نئون مسئلو پهرين وڌيڪ پنهنجي طاقت ۾ ڪر جي شڪل ۾ سامهون اچي وڃي ٿو ڪنهن چوڻي مطابق ” مرض وڌندو ئي ويو جيئن جيئن دوا ڪئيسين“سرمائيداري جو وڌندڙ بحران ان مرض ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو وڃي ٿو جنهن نتيجي ۾ ڪيترا ئي نوان ناسور مرض جنم وٺندا رهن ٿا.

ان بحرانن کان نجات ڏيارڻ لاءِ سرمائيدار ملڪن پاران جنگين کي هٿي وٺرائڻ پٺ تي پيل ملڪن تي جوهري حملا ڪرائڻ هڪ منطق وارو طريقو آهي مطلب ته اسان ڏسون ٿا آمريڪا جي اڳواڻي ۾ صنعتي ملڪن غريب عوام تي هڪ نه ختم ٿيندڙ اعلانيه ۽ غير اعلانيه ٽين بين الاقوامي جنگ طويل عرصي کان جوٽيو بيٺو آهي. قومن جي معدنيات خاص طور تي قدرتي وسيلا ۽ علائقن۾ طاقت جي زور تي قبضا هاڻي ڪابه لڪل ڳالهه نه آهي آمريڪا، يورپ ۽ هاڻي چين ڪٿي گڏيل رضامندي ۽ ڪٿي اڪيل قوت جي زور تي ايشيا جي ٻين ملڪن خصوصي طورتي آفريڪا جي جا قيمتي وسيلن مڪمل ڪنٽرول ڪري ورتو آھي.

تاريخ جا ورق اٿلائڻ مان اسان کي خبر پوي ٿي ته سرمائيداراڻي نظام جي شروعات يورپ ۾ چوڏهين پندرهين صدي عيسوي ڌاري اٽليءَ کان ٿئي ٿي، سرمائيداري نظام کان اڳ پوري دنيا ۾ جاگيرداري نظام رائج هو، انساني سماج جي ارتقا جي تاريخ جيتري پراڻي آهي، ايتري ئي پراڻي تاريخ استحصال، ڦرلٽ، جبر ۽ ظلم جي آهي، مظلوم قومن ۽ طبقن جي حقن جي ڦرلٽ وحشي دور کان مهذب دور تائين مختلف  شڪلين  رومن ڪليساجي روپ ۾ جاگيرداري جي شڪل ۾  سرمائيداري جي شڪل ۾ ٿيندي پئي اچي جيڪا اڄ جديد دنيا ۾ پڻ جاري آهي، مظلوم ماڻهن جياپي جا جتن ڪندي  پاڻ کان ڏهوڻ تي طاقتور استحصالي قوتن خلاف هر دور ۾ بغاوتون ڪيون ۽ جياپي لاءِ جدوجهد ڪندي لکين ڪروڙين انسانن پنهنجي جانين  جا نذرانا ڏئي ايندڙنسلن لاءِ نئون اتساهه پيدا ڪيو.

مارڪسزم جي فڪر ۽ فلسفي اهو ٻڌايو هو ته انساني سماج ۽  تاريخ مختلف دورن ۾ مختلف نظامن مان گذري آهي ۽ پيدواري زريعن توڙي پيداواري اوزارن جيئن جيئن ترقي ڪئي آهي تيئن تيئن ابتدائي اشتراڪيت سان پهرين غلام داري دور ۽ پوءِ جاگيرداري دور آيا. هي دور سرمائيداري نظام جو آهي جيڪو اڻٽر طور سوشلزم طرف ويندو. مارڪس ان جا پڻ بنياد سمجھائيندي اهو ٻڌايو ته سرمائيداري دور ۾ محنت اجتماعي ٿي چڪي آهي تنهن ڪري ان محنت جي نتيجي ۾ ٿيندڙ پيداوار تي پڻ هر هڪ جو حق آهي. مطلب ته اها پڻ اجتماعي ٿيڻ گھرجي. سوال يا تضاد اهوئي رهيل آهي!! سرمائيداري نظام انهي موجود سرشتي کي تبديل ٿيڻ نٿو ڏي. سڄي دنيا ۾ جتي به سوشلسٽ انقلاب آيا آهن، انهن واپس سرمائيداري ڏانهن موٽ کاڌي آهي. سوشلزم کي ڪميونزم تائين پهچڻ لاءِ پهريون ڏاڪو سمجهيو ته سوشلزم ترقي ڪري ڪميونسٽ سماج ۾ تبديل ٿي ويندو، پر تاريخ جي تجزئي اسان کي اهو ٻڌايو ته ايئن ڪٿي به نه ٿيو.سوويت انقلاب هڪ اهم ڪوشش هئي ته هي سرمائي جو نظام تبديل ڪري سگھجي ٿو. سوشلزم ڪو خيالي نظريو نه پر هڪ حقيقت آهي. عالمي سوشلسٽ تحريڪ جو هي هڪ ننڍو ۽ اهم قدم هو جنهن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته طبقاتي نظام ۽ ان جي هر صورت کي ڊاهي سگھجي ٿو. ايتري تائين جو هڪ صحيح انساني معاشرو به تڏهن ممڪن آهي جڏهن هي طبقاتي سماج هر صورت ختم ٿي وڃي. استحصال جي هر صورت پڻ ختم ان وقت ٿيندي جڏهن استحصال معاشرو ختم ٿي وڃي. مارڪس هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”انسان کي حاصل حق فطرت جو ڪو تحفو نه آهن ۽ نه ئي تاريخ جو ورثو آهن، پر انسان جي زنده رهڻ لاءِ ڪيل جدوجهد جو نتيجو آهن ۽ نسل در نسل حاصل ٿيل مراعتون آهن، اهي تايخ جي حاصلات آهن ۽ انهن حاصلاتن تي انهن جي مالڪي هوندي جن اهي حاصل ڪيون.“

مارڪسي ادب جي بنيادي دستاويز “ڪميونسٽ مينو فيسٽو” کي غور سان ڏسنداسين ته خبر پوندي ته مارڪسزم جي عظيم استادن جي ذهن ۾ به ڪميونزم ئي هو، نه ڪي سوشلزم. ڪميونسٽ ميني فيسٽو جي آخري باب ۾ به ڪيترن ئي قسمن جي سوشلزم جو ذڪر ٿيل آهي. جن کي رد ڪيو ويو آهي. مثلن جاگيرداري سوشلزم، سرمائيداري سوشلزم، قدامت پسند سوشلزم، تنقيدي يا خرابي سوشلزم، سچي سوشلزم وغيره. مارڪس جو چوڻ هو “سوشلزم جو لفظ حڪمران ۽ طبقي ۽ سرمائيدارن لاءِ خطرناڪ نه رهيو آهي ۽ سڀڪو سوشلسٽ سڏائي رهيو آهي”، اهوئي سبب هو جو مارڪس ۽ اينگلس ڪميونسٽ ميني فيسٽو جو نالو سوشلسٽ ميني فيسٽو نه رکيو. ان حقيقت جي وضاحت اينگلس ڪميونسٽ ميني فيسٽو جي مهاڳ ۾ ڪئي آهي. ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته اسان وٽ جيڪي کاٻي ڌر جون سوشلسٽ يا ڪميونسٽ پارٽيون آهن،

اهي قومي جمهوري انقلاب، عوامي جمهوري انقلاب يا سوشلسٽ انقلاب وارن چڪرن مان ٻاهر نڪرن ئي ڪو نه ٿيو. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سرمائيداري اڳ ۾ ئي اها مرحلا طئي ڪري چڪو آهي ۽ پيداواري صلاحيت ان بلندي تائين پهچي چڪي آهي جو پوري دنيا جي آبادي کان ٻيڻي آبادي جو سڀئي ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون. فقط ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سرمائيداري نظام کي ذاتي ملڪيت جي چمني مان آزاد ڪري، ڪميونسٽ بنيادن تي پيداوار جي ورهاست ڪجي. باقي پيداوار جي سماجي نوعيت اڳ ۾ ئي ٿي چڪي آهي. سرمائيداري نظام سامراجيت ۽ مالياتي سرمائي جي عروج تي پهچي چڪو آهي، جنهن جون ٽي اهم خصوصيتون آهن. پهرين اها ته سامراجيت اجارادارانه سرمائيداري هوندي آهي، ٻيو ته سامراجيت جان بلب ۽ طفيلي سرمائيداري هوندي آهي. يعني ڳرندڙ سڙندڙ سرمائيداري هوندي آهي. ٽيون ته سامراجيت سرمائيداري جي اها شام هوندي آهي جنهن جو صبح ڪميونزم ۾ ظاهر ٿيڻو آهي.

سوويت يونين 1991ع ۾ ڊٺو، هن وقت 2022ع ۾ کيس 31 سال گذري چڪا آهن. انهي عرصي ۾ سوشلزم خلاف جيڪا پروپيگنڊا ڪئي ويئي هئي اها خود سرمائيداري نظام جي استحصال  ۽ شديد جبر پاڻ ظاهر ڪري ڇڏي!! عام ماڻهو به اهو چوڻ لڳو ته هي نظام خطرناڪ ۽ عوام دشمن آهي، سوشلزم جيڪي ڳالهيون ڪيون هيون اهي درست هيون. سرمائيداري نظام سرد جنگ کانپوءِ دنيا کي ڪو هڪ ڏينهن به امن ڏيڻ ۾ ناڪام ويو آهي ويتر نام نهاد دهشتگردي جي آڙ ۾ هاڻ هر ملڪ جي مٿان هڪ تلوار ٽنگبي رهي آهي ته توهان دهشتگردي جا ساٿاري آهيو،  ان لاءِ توهان ڏوهي آهيو ۽آمريڪا جون فوجون توهان جي سرحد تي هونديون. عراق ۽ افغانستان سان اهو ڪجهه ٿيو، دنيا جي وسيلن تي قبضي جي هوس هن نظام کي هڪ وحشي نظام ۾ بدلائي ڇڏيو آهي وحشت ۽ بربريت هاڻ هن جون اهم خاصيتون آهن. عوام جي وڏي اڪثريت اهو چاهي ٿي ته هن نظام جو متبادل هجڻ گھرجي! اهو متبادل ڪهڙو هجي ۽ ڇا هجي انهيءَ کي وري ڄاڻي واڻي وڏي حڪمت عملي سان تبديل ڪيو پيو وڃي پر آخر اهو عمل به ڪيستائين؟؟ ها اها ڳالھه ضرور آهي ته ڪميونسٽ تحريڪ پاڻ کي وري فڪري طرح منتظم ڪرڻ طرف وڌي رهي آهي، مفڪري مونجھاري گھڻي ڀاڱي حل ٿي چڪو آهي، باقي عملي طرح  ان تحريڪ جي ضرورت آهي جيڪا واقعي حقيقي متبادل فراهم ڪري. بهرحال هن وقت هڪ سوشلزم طرز تي تحريڪ ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي جيڪا عالمي سطح تي هڪ نقطه نظر ڏي، سرمائيداري نظام جي ڪمزورين ۽ ان کي ڪهڙي خطي ۾ ڌڪ هڻجي جي نشاندهي ٿي سگهي.ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا هن وقت مستقبل توڙي حال جي ڪميونسٽ تحريڪ جو مرڪز بڻجڻا آهن ۽ اتان اڀرندڙ تحريڪون ئي عالمي ڪميونسٽ تحريڪ کي هڪ نئين طاقت طور اڳتي آڻينديون.

بهرحال اهو عمل تيزي سان جاري آهي ته عالمي ڪميونسٽ تحريڪ نظرياتي طرح مضبوط ۽ مربوط ئي رهي آهي.ڪميونسٽ تحريڪ تيزي سان فڪري محاذ تي ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. هڪ دفعو وري سوشلزم مارڪسزم ۽ مارڪس، اينگلس توڙي لينن جا نظريا نوجوانن جي توجھ جو مرڪز آهن. ڇو ته اهي ئي حقيقي تبديلي طرف وٺي وڃي سگھن ٿا، مارڪسزم خلاف جيتري گھڻي پروپيگنڊا هئي اوتري تيزي سان نوجوانن ان طرف موٽ کائي رهيا آهن، اهڙي ريت ڪميونسٽ تحريڪ جو فڪري ۽ نظرياتي محاذ تيزي سان وڌي ويجھو ۽ مضبوط ٿي رهيو آهي اهو ئي سبب آهي جو مذهب اسلام ۽ اسلامي انتها پسندي نالي هڪ ڪوڙي ۽ نام نهاد سامراج مخالف تحريڪ جا بنياد وڌا ويا آهن ته جيئن عوام جي وڏي اڪثريت کي وڌ کان وڌ گمراه ڪري سگهجي،

حقيقي انقلابي ۽ سامراجيت مخالف قوتون اڳتي اچي نه سگھن! چين جو  سياسي ۽ معاشي ميدان ۾ اڳڀرو ٿيڻ ۽ روس جو پنهنجي وڃايل طاقت بحال ڪري پنهنجي اصليت ( ڪميونزم) ڏانهن موٽڻ سان دنيا جي اڪثر نوجوانن ۽ سياسي ڌرين کي هڪ ڀيرو ٻيهر نجات وارن نظرين ڏانهن ڇڪي رهيو آهي. سرمائيدارن جي هڪ هٺي (واپاري ۽ سياسي)، دنيا کي هڪ ٻي عالمي جنگ ڏانهن ڌڪي رهي آهي. انهيءَ حالت کي ڏسي دنيا جو مختلف سياسي قوتون ۽ خاص ڪري نوجوان ڪنهن تبديليءَ لا۽ واٽ ڳولهڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ اها واٽ يقينن  سوشلسٽ نظرئي واري آهي.

هن دنيا جي مانجهاندي جي ماڳ هجڻ واري خبر جي باوجود ’سامان سؤ برس ڪا‘ گڏ ڪرڻ ۾ ڪو به وقفو نه ٿو اچي. ذهني غربت ۾ گذاري جڏهن اهي ماڻهو هليا وڃن ٿا ته انهن جو سؤ برس وارو گڏ ڪيل سامان پونئر اڏائڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه ٿا وٺن. هي سڀ اکين جو ڍؤ آهي، اها حقيقت هر ماڻهو ڄاڻي ٿو. اهو ڏينهن خالي ناهي جنهن ڏينهن قبرستانن ۾ ڪا کٽ نه ويندي هجي.

اسين ڪڏهن پنهنجن جا ته ڪڏهن پراون جا ڪلهي ڪانڌي ٿيون ٿا پر هڪ منٽ جي لاءِ به ان حقيقت تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿا هجون ته نيٺ هڪ ڏينهن اسان به ڪنهن جي ڪلهن تي هليا وڃڻا آهيون. اسان کي اها ڄاڻ به هجي ٿي ۽ ان حقيقت جا اقراري به هجون ٿا ته نيٺ هڪ ڏينهن اسان کي به هليو وڃڻو آهي، پر باوجود ان جي اسان کي پنهنجي روين ۾، پنهنجي طور طريقن ۾ جيڪا تبديلي آڻڻ گهرجي، اها آڻڻ لاءِ تيار نه ٿا هجون، جتي به ذهني مفلسي ديرو ڄمائي ٿي اتي پنهنجي ذات کان اڳتي ڪجهه به نظر نه ٿو اچي، ڪٿي ته پنهنجي ذات به وسري وڃي ٿي

ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته کاٻي ڌر جي سڀني پارٽين کي سرمائيداري جي اوسر جو سائنسي تجزيو ڪري جدلياتي ماديت جي اصولن مطابق پنهنجي منشورن ۾ تبديليون آڻڻ گهرجن ۽ ڊائريڪٽ ڪميونزم لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ نظرياتي انتهاپسندي جي وَر چڙهي وينديون. ڇو ته مارڪسزم ۽ جدلياتي ماديت جا قانون سائنس آهن ڪي مذهبي عقيدا نه آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.