نوابشاهه ۽ بدين ۾ پ پ جا مسجدي نبوي ۾ بي حرمتي واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرا

نوابشاهه ۽ بدين ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران مسجدي نبوي جي بي حرمتي واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

نوابشاهه ۾ پ پ ڪارڪنن ضلعي شھيد بينظير آباد جي صدر علي اڪبر جمالي، خان بھادر ڀٽي، نور نواز زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري عمران نيازي جي پتلي کي باھه ڏئي ساڙيو.

بدين ۾ پ پ ڪارڪنن ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو ، ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح ، مير مرتضي جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ قيادت ۽ ڪارڪنن سموري دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بدنام ڪيو آھي، مسجد نبوي جهڙي مقدس هنڌ تي ڪريل حرڪت ڪئي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

سندن چوڻ هو ته حڪومت وڃن کانپوءِ پي ٽي آئي وارا وائڙپ جو شڪار ٿي ويا آهن، سعودي حڪومت مسجد نبوي ۾ بي حرمتي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.