نوابشاهه ۾ قومپرست پارٽين جو ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه ۾ قومپرست پارٽين پاران ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪارڪنن جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي، جسقم آريسر سرمد ميراڻي، سرفراز ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ مان درجنين پرامن سياسي ڪارڪنن کي جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.

سندن چوڻ هو ته کنڀي گم ڪيل سمورا پر امن ڪارڪن آھي جنھن جو دھشتگردي جي ڪاروائين سان پري پري تائين ڪوبه تعلق ناهي.

اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته پرامن ڪارڪنن جي گھرن تي آڌيءَ رات جو ھٿيار سان ھلان ڪري کين کنڀڻ جو سلسلو بند ڪري بنا دير گم ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن گم ڪيلن مٿان ڪو ڪيس آهي ته کين عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.