ڪوٽڙي ۾ ريلوي ملازم جي گھر کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي خاڪ ٿي ويو.
ريلوي ڪالوني ۾ واقع ريلوي ملازم لائيق احمد جي ڪچي گھر کي اوچتو باهه لڳي وئي.
باهه لڳڻ سبب گھر ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو، جڏهن ته واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
واقعي جي اطلاع بعد فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گھرن کي سڙن کان بچائي ورتو.