خانپور جي باهه متاثرن سرندي وارن کان مالي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.
ٽي ڏينهن اڳ خانپورمهر جي ڳوٺ خيرو مهر ۾ باهه واقعي سبب متاثر ٿيل پورهيت قيصرو ۽ راجيش مينگهواڙ واهر نه ٿيڻ ڪري قهر جهڙي گرمي ۾ کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن.
متاثرن جو چوڻ آهي ته باهه واقعي ۾ گھر ۾ پيل اناج سميت سمورو الهه تلهه سڙي خاڪ ٿي ويو آهي، ضلعي انتظاميا سميت ڪنهن به چونڊيل نمائندا سار ناهي لڌي جنهن ڪري کليل آسمان هيٺ معصوم ٻارڙن سميت بک ۽ اڄ تي بي يارومددگار ويٺل آهيون.
باهه متاثر پورهيتن چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتطاميا سميت ٻين سرندي وارن کي اپيل ڪئي مالي سهائتا ڪري ٻچن کي ڦاقاڪشي کان بچايو وڃي.