بدين ۾ شادي لارج جي رهواسين جو پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج

بدين ۾ شادي لارج جي رهواسين پاران پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

متارو ڪپري، محمد حسن ملاح، ڪيول ڪولھي، يعقوب انصاري ۽ ٻين ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي شادي لارج شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو تلاءُ ڏنو آهي جتان شھر جي مختلف پاڙن کي پاڻي ڏنو وڃي ٿو.

هنن الزام مڙهيندي چيو ته عيد ويجهو ايندئي تلائن تي مقرر ملازم ارشد پنجابي ۽ محمد حسن ملاح عيد جي خرچي ڏيڻ جو چيو جيڪا نه ڏيڻ تان ڪپري پاڙي سميت اڌ آبادي جي پيئڻ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو ، جيڪي ساڻن زيادتي آهي. ھنن ڊپٽي ڪمشنر بدين، پبلڪ ھيلٿ کاتي جي انجنيئر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو کان مطالبو ڪيو ته شادي لارج جي پيئڻ جو پاڻي بند ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪري پيئڻ جي پاڻي جي فراهم يقيني بڻائي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.