شيرين مزاري کي ”ڪوڙي خبر“ شيئر ڪرڻ ڳچي ۾ پئجي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن بابت اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري کي ”فيڪ نيوز“ شيئر ڪرڻ ڳچي ۾ پئجي ويو.

سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد کانپوءِ شيرين مزاري کي اهو ٽوئيٽ ڊليٽ ڪرڻو پيو.

شيرين مزاري آمريڪي اخبار سان واڳيل هڪ ڪارٽون شيئر ڪيو جنهن ۾ عدليه کي انڪل سيم کان شاباش وٺندي ڏيکاريو ويو هو.

شيرين مزاري تصوير سان تبصرو ڪيو ته آمريڪا جي پاڪستان ۾ حڪومت ڪيرائڻ واري سازش، هي پاڪستاني ادارن لاءِ ڪيتري شرم جي ڳالهه آهي.

ٽوئيٽ کانپوءِ شيرين مزاري کي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

ماڻهن سندس تصحيح ڪئي ته لڳي ٿو ته شيرين مزاري کي ڪا غلط فهمي ٿي آهي، جنهن اخبار سان واڳيل ڪٽنگ شيرين مزاري شيئر ڪئي آهي اها اخبار ڏهاڪا اڳ بند ٿي چڪي آهي.

اها اخبار 1835 کان 1924 وچ ۾ شايع ٿيندي هئي.

ماڻهن سوال اٿاريو ته شيرين مزاري جي دعويٰ موجب پاڪستان جي حالتن تي اهو ڪارٽون اخبار ۾ اڄ ڪيئن ڇپجي سگهي ٿو؟

ڪوڙي خبر پکيڙڻ تي تنقيد کانپوءِ شيرين مزاري ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.