چانهه جا شوقين هيءَ خبر ضرور پڙهن!

 

چانهه هر گهر جي ضرورت آهي، ماڻهو چانهه پي پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪندا آهن.

رپورٽ موجب روز سڄي دنيا ۾ چانهه جون لڳ ڀڳ چار ارب پياليون پيتيون وڃن ٿيون، جيڪڏهن توهان به چانهه جا شوقين آهيو ته هيءَ خبر پڙهڻ توهان لاءِ تمام ضروري آهي.

ڪجهه ماڻهو چانهه جي استعمال کي صحت لاءِ هاڃيڪار سمجهندا آهن پر ان حوالي سان ماهرن جي ڪهڙي راءِ آهي؟ اچو ته توهان ٻڌايون.

ماهرن جو چوڻ آهي ته رڳو هڪ ڪوپ چانهن پيئڻ سان ڊيمينشيا ۽ ڪينسر ٿيڻ لاءِ خطرا گھٽ ٿي سگھن ٿا.

چانهن جا فائدا هڪ پيالي کان ئي شروع ٿين ٿا ۽ انهن پيالين جي وڌندڙ انگ سان گڏ انهن فائدن ۾ به واڌ ٿئي ٿي.

هڪ تحقيق موجب 40 کان 50 سيڪڙو ڊيمينشيا جي ڪيسن کي زندگي جي طرز ۾ تبديلي سان روڪي سگھجي ٿو ۽ چانهن پيئڻ ان تبديلي جو سڀ کان سولو ۽ پهريون قدم ٿي سگھي ٿو.

آسٽريليا جي ايڊٿ يونيورسٽي جي نيوٽريشن سائنٽسٽ پروفيسر جونيٿن هوجسن موجب ان ڳالهه جون شاهديون وڌنديون پيون وڃن ته روز هڪ کان ٻه چانهن جا ڪوپ ويسڪيولر ڊيمينشيا ۽ امڪاني الزائمر جي بيماري ٿيڻ جي خطرن کي گھڻي حد تائين گھٽ ڪري سگھن ٿا.

گهڻن مطالعن ۾ اڳ ئي اهو ٻڌايو ويو آهي ته چانهن جو استعمال ڪجهه قسمن جي ڪينسر جي خطرن کي گهٽائي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.