مَکين مان بيزار آهيو ته هي ٽوٽڪا آزمايو

 

گرميون هجن يا مينهن جي مند، مکيون هر پاسي نظر اينديون آهن ۽ انهن مان جان ڇڏائڻ به اڪثر ڏکيو ٿي ويندو آهي.

مکيون گھر ۾ موجود هجن ته کاڌي پيتي جي شين کي انهن کان بچائڻ گھڻو ڏکيو ٿي ويندو آهي، خاص طور تي رڌڻي ۾ مکيون هجڻ ڪري کاڌو پچائڻ ۾ به ڏکيائي ٿيندي آهي، گڏوگڏ ئي اهي ڪيتريون ئي بيماريون پکيڙڻ جو ڪارڻ به بڻجنديون آهن.

اهو ئي ڪارڻ ته اڄ اسان توهان کي مکيون ڀڄائڻ لاءِ ڪجهه انتهائي ڪارآمد طريقا ٻڌائي رهيا آهيون، جنهن سان مکيون توهان جي ويجهو به نه اينديون.

هڪ صاف پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ پاڻي ڀري رڌڻي جي درين ۽ دروازي جي وچ ۾ ٽنگي ڇڏيو، اهي پري کان ڄار جيان نظر اينديون آهن، انهن کي ڏسي ڪري مکيون اندر نه وينديون.

جڙي ٻوٽين جي خوشبو سان مکيون ڀڄنديون آهن، تيزپات، تلسي ۽ گندي ۾ خاص خوشبو هوندي آهي، جيڪا مکين کي پسند ناهي هوندي، ان جا ٻوٽا رڌڻي ۾ رکڻ سان مکيون اندر داخل ناهن ٿينديون.

سڪي تلسي ۽ تيزپات کي هڪ ريشمي ڪپڙي ۾ ٻڌي رڌڻي جي درين ۽ دروازي وچ ۾ ٽنگڻ سان به مکيون ڀڄي وينديون.

لونگ جو استعمال کاڌن ۾ خوشبو لاءِ ڪيو ويندو آهي پر ان جي خوشبو مکين کي ناهي وڻندي ۽ ان سان گڏ ليما به شامل ٿي وڃن ته مکيون ڪڏهن به ان پاسي جو رخ نه ڪنديون.

هڪ ليمي کي وچ کان ڪَٽي ٻه حصا ڪري ڇڏيو، هاڻي ليمي جي انهن حصن تي ڪجهه لونگ رکي ڇڏيو، ان سان مکيون توهان جي ڀرپاسي نه اينديون.

مکيون، مڇر ۽ ٻيا ڪيترائي جيت ٿوم ۾ موجود سلفر ڪمپائونڊ سامهون ناهن بيهي سگهندا، معنيٰ جيڪڏهن روز ٻه کان چار ٿوم جون ڳڙيون کائجن ته اهي جيت توهان جي ويجهو به نه ايندا.

ٿوم

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.