فريال مخدوم جو عامر خان سان هڪ ڀيرو ٻيهر شادي ڪرڻ جو اعلان

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان ۽ سندس گھر واري فريال مخدوم جي شادي تقريب انتهائي لگزري رکي وئي هئي، جنهن تي 10 لک پائونڊ رقم خرچ ٿي هئي ۽ ان تقريب ۾ 400 سئو کان وڌيڪ مهمانن کي دعوت ڏني وئي هئي.

هاڻي شادي جي ان لگزري تقريب بابت فريال مخدوم جا احساس ڪهڙا آهن؟ ٻڌي توهان کي حيرت ٿيندي.

فريال مخدوم ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته جيڪڏهن مون کي ماضي ۾ واپس وڃڻ جو آپشن ملي وڃي ته پنهنجي شادي بابت سڀ ڪجهه مٽائي ڇڏينديس.

شادي شده جوڙن جي ريئلٽي شو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي پنهنجي شادي جي تقريب کي ان قدر لگزري بڻائڻ ۽ ايترو پئسو برباد ڪرڻ تي سخت پڇتاءُ آهي، جيڪڏهن مون کي ٻيهر موقعي ملي ته مان پنهنجي شادي تقريب کي انتهائي سادو رکنديس.

سندس چوڻ هو ته ايندڙ سال پنهنجي شادي جي 10هين ساگرهه تي ٻيهر مڙس سان شادي ڪنديس پر هن ڀيري تقريب مختصر ۽ سادي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.