محمد عامر ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ ٻوٽو نه ٻاريو

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو فاسٽ بالر محمد عامر انگلينڊ ۾ جاري ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ ڪجهه خاص نه ڪري سگهيو.

محمد عامر جي ڪائونٽي چيمپئن شپ ۾ ٽن سالن کانپوءِ واپسي ٿي آهي پر سري خلاف کيڏيل ميچ جي پهرين اننگز ۾ ڪا وڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيو.

فاسٽ بالر محمد عامر 28 اوورز ۾ 80 رنز ڏئي ڪا وڪيٽ حاصل نه ڪئي، هن 7 اوورز ميڊن به ڪرايا.

ياد رهي ته قومي ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه جي جاءِ تي محمد عامر گلوسٽر شائر جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، سندس ٽن ميچز لاءِ ڪائونٽي سان معاهدو ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.