آمريڪا ۽ نيٽو يوڪرين کي هٿيار ڏيڻ بند ڪن: روس

 

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي پرڏيهي وزير سيرگئي لاوروف آمريڪا ۽ نيٽو کي هڪ ڀيرو چيو آهي ته اهي يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪن.

چيني ميڊيا سان ڳالهائيندي لاوروف دعويٰ ڪئي ته روسي عسڪري ڪارروائيون منصوبي تحت اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ جيڪڏهن اولهه قوتون ان تڪرار جو حل چاهين ٿيون ته انهن کي ڪيف کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪرڻي پوندي.

سندس چوڻ هو ته اسان جو ملڪ ڊالر تي گهٽ ٿو ڀاڙي ۽ پنهنجي ٽيڪنالاجي سيڪٽر کي به پاڻڀرو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي.

واضح رهي ته چين اڃا تائين ان جنگ جي مخالفت ۾ بيان ناهي ڏنو ۽ عام طور تي ماسڪو حڪومت جي نظريي جي حمايت ڪندو رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.