عيد جي چنڊ بابت موسميات کاتي جي اهم اڳڪٿي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عيدالفطر لاءِ شوال جو چنڊ نظر اچڻ بابت موسميات کاتي اهم اڳڪٿي ڪري ڇڏي.

موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته امڪان آهي ته چنڊ جي پيدائش ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات هڪ لڳي 28 منٽن تي ٿيندي.

موسميات کاتي چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهرين مئي تي شوال جو چنڊ نظر اچڻ جا امڪان ناهن، ملڪ جي گهڻي ڀاڱي حصي ۾ آسمان تي ڪڪر ڇانيل رهندا، عيدالفطر 3 مئي اڱاري تي ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن.

هوڏانهن سعودي عرب ۾ به شوال جو چنڊ نظر ناهي آيو، جنهن سبب عيدالفطر 2 مئي سومر تي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.