فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار تي راني مکرجي جا گهر ڀاتي قيد

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا راني مکرجي جڏهن هڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته سندس والدين کي قيد ڪيو ويو.

اهو واقعو راني مکرجي جي فلم ”ساٿيا“ سان واڳيل آهي جنهن ۾ ساڻس گڏ وويڪ اوبراءِ جوهر ڏيکاريا هئا.

2002 ۾ راني مکرجي جي وڏي ڪاسٽ واري فلم ”مجهه سي دوستي ڪروگي“ وڏي بجيٽ هجڻ باوجود ناڪام ٿي هئي.

يش راج فلمز جي اها فلم فلاپ ٿيڻ کانپوءِ راني مکرجي صدمي ۾ هئي ۽ ڪنهن به فلم جي چوند سوچي سمجهي ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهي هئي.

اداڪارا ڪيترائي مهينا گهر ويٺي گذريا ۽ فلمون رد ڪندي رهي، اهو وقت به آيو جڏهن ٻيهر يش راج فلمز راني مکرجي کي فلم جي ساٿيا جي آڇ ڪئي.

راني مکرجي فلم ۾ ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو پر يش راج فلمز طرفان مٿس وڏو دٻاءُ رکيو ويو ته هن کي ئي فلم ۾ ڪم ڪرڻو پوندو.

لاڳيتي انڪار ڪرڻ باوجود يش راج فلمز طرفان نه مڃڻ تي راني پنهنجي والدين کي يش راج سان ملاقات ڪري سمجهائڻ لاءِ موڪليو.

راني جو پيءُ رام مکرجي ۽ ماءُ ڪرشنا يش راج فلمز جي سربراهه يش چوپڙا سان مليا ۽ هنن به سڌي ريت انڪار ڪيو.

يش چوپڙا ڪمري مان ٻاهر نڪري راني مکرجي کي فون ڪيو ۽ چيو ته هاڻي جيستائين تون فلم لاءِ راضي نه ٿيندين تيستائين تنهنجا ماءُ پيءُ مون وٽ قيد رهندا.

راني مکرجي اهو ٻڌي حيران ۽ پريشان ٿي وئي، ڪجهه دير جي خاموشي کانپوءِ راني مکرجي سمجهيو ته يش چوپڙا وڏي اعتماد سان دعويٰ ڪري رهيو آهي، جنهن کي قبول ڪرڻ گهرجي.

راني مکرجي فلم جي آڇ قبول ڪئي ۽ اهڙي ريت سندس ماءُ پيءُ گهر موٽيا.

پوءِ يش چوپڙا جي اها دعويٰ بلڪل درست ثابت ٿي ۽ راني مکرجي جي فلم ساٿيا هٽ ثابت ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.