”ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ – ڀارت مقابلو نئون رنگ آڻيندو“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ لاهور قلندرز جي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ميلبرن ۾ رٿيل پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ ميچ نئون رنگ آڻيندي.

لاهور ۾ ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته هن انڊين پريميئر ليگ ۾ عمران ملڪ کي بالنگ ڪندي ڏٺو آهي، جنهن ڏينهن هن پنج وڪيٽون ورتيون اها ميچ به ڏٺي، هو حارث رئوف جهڙو آهي، جيڪڏهن توهان سسٽم کان سواءِ بالر چونڊيندا ته توهان کي ٻڌڻو پوندو ته هن کي ڪهڙي ڪارڪردگي تي چونڊيو ويو آهي.

هن چيو ته ليگز جي خوبي اها آهي ته اهڙا بالر جلدي پنهنجو نالو ڪمائين ٿا، ليگز ۾ فرنچائزز پاڻ فيصلو ڪنديون آهن ۽ جنهن کي چاهين کيڏائينديون آهن ۽ اهڙي ريت عمران ملڪ کي آءِ پي ايل ۾ کيڏايو ويو آهي، عمران ملڪ مڪمل اٽيڪنگ بالر آهي ۽ مان محسوس ڪريان ٿو ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ هو پاڪستان خلاف بمرا سان گڏ کيڏندو.

عاقب جاويد چيو ته جيڪڏهن عمران ملڪ کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ نه کيڏايو ويو ته حيراني جوڳو هوندو، پاڪستان وٽ اهو ايڊوانٽيج ته شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف جهڙا بالر موجود آهن، هن ڀيري ميلبرن ۾ پاڪستان ۽ انڊيا جي ميچ نئين رنگ ۾ هوندي.

سندس چوڻ هو ته ميچ ۾ شاهين آفريدي، حارث رئوف، جسپريت بمرا، عمران ملڪ جهڙا بالر نظر ايندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.