ڪرشما ڪپور نيٺ ٻي شادي جو فيصلو ڪري ورتو

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرشما ڪپور پهرين شادي ختم ٿيڻ جي تقريبن هڪ ڏهاڪي کانپوءِ ٻي شادي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.

ڪرشما ڪپور پهرين شادي صنعتڪار سنجي ڪپور سان ڪئي هئي پر 2013 ۾ ٻئي ڌار ٿي ويا هئا.

2016 ۾ ٻنهي جي قانوني طور تي طلاق ٿي ۽ پوءِ ٻئي هڪ ٻئي تي ڳنڀير الزام هڻي رهيا هئا.

ڪرشما ڪپور کي 17 ورهين جي ڌيءُ سميرا ۽ 12 ورهين جو پٽ ڪيان به آهن، جن کي هن ئي پاليو آهي.

هاڻي ڪرشما ڪپور مداحن کي ٻي شادي جي ارادي کان آگاهه ڪيو آهي، جنهن تي سندس مداح خوش آهن.

ڪرشما انسٽاگرام تي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ٻيهر ازدواجي زندگي شروع ڪرڻ وارا معاملا حالتن تي آهن، يعنيٰ جيڪڏهن کيس ڪو سٺو شخص مليو ته هو ٻي شادي جو ضرور سوچيندي.

ان کان اڳ ڪرشما ڪپور اپريل جي شروعات ۾ پنهنجي سئوٽ رنبير ڪپور جي عاليا ڀٽ سان شادي جي موقعي تي ٻي شادي جو اشارو ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.