لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حنا پرويز بٽ حمزا شهباز طرفان وڏي وزير جو حلف کڻڻ تي کيس مبارڪون ڏيڻ سان گڏ تحريڪ انصاف تي طنز به ڪيو آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ حنا پرويز بٽ چيو ته پنجاب جي وڏي وزير طور حلف کڻڻ تي حمزا شهباز کي مبارڪون، جڏهن ته منهنجون همدرديون پي ٽي آءِ سان گڏ آهن، دل سان روئي وٺو، شايد بار هلڪو ٿي وڃي.
حمزہ شہباز کو وزیراعلیٰ پنجاب کے عہدے کا حلف اٹھانے پر بہت بہت مبارک ہو۔۔۔میری ہمدردیاں پی ٹی آئی کے ساتھ ہیں۔۔۔جی بھر کر رو لیں شاید بوجھ ہلکا ہوجائے۔۔۔
— Hina Parvez Butt (@hinaparvezbutt) April 30, 2022
ان کان اڳ هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ حمزا شهباز جي حلف برداري تقريب جي موقعي تي تحريڪ انصاف وارا روئيندا.
شهباز جي حلف برداري تقريب کان اڳ سندس چوڻ هو ته اهو ڪهڙو منظر هوندو، جڏهن عمر سرفراز چيما گورنر هائوس جي ڇت تي بيهي حمزا شهباز کي پنجاب جو وڏو وزير بڻجندي ڏسندو، اڄ پي ٽي آءِ وارا سڀ سڙندا ۽ روئيندا به.
وہ کیا منظر ہوگا جب عمر سرفراز چیمہ گورنر ہاؤس کی چھت پر کھڑا ہو کر حمزہ شہباز کو پنجاب کا وزیراعلی بنتا ہوا دیکھے گا۔۔۔آج پی ٹی آئی والے سب جلیں گے اور روئیں گے بھی۔۔۔
— Hina Parvez Butt (@hinaparvezbutt) April 30, 2022