سلمان خان نئين فلم لاءِ ڪترينا ڪيف جهڙي اداڪارا ڳولي ورتي

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ دبنگ اسٽار سلمان خان هميشه پنهنجي فلمن ۾ نيون نيون اداڪارائون آڻيندو آهي، جيڪي سلمان خان سان ڊيبيو ڪرڻ کانپوءِ راتورات مقبول ٿي وينديون آهن.

ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس 13 ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪارا شهناز گل بالي ووڊ انڊسٽري ۾ مشهور اداڪار سلمان خان عرف سلو ڀائي سان ڊيبيو لاءِ تيار آهي.

اداڪارا شهناز گل هندي سينما اسڪرين تي به نظر ايندي.

شهباز گل جي بالي ووڊ ۾ پهرين فلم ۾ سلمان خان گڏ هوندو.

ميڊيا رپورٽن موجب ڪترينا ڪيف جي نالي سان مشهور اداڪارا شهناز گل ۽ سلمان خان گڏ نئين فلم ”ڪڀي عيد ڪڀي ديوالي“ ۾ جوهر ڏيکاريندا.

سلمان خان طرفان شهناز گل کي هن فلم لاءِ معاوضي ۽ شوٽنگ جي شيڊيول جو فيصلو ڪرڻ جو به اختيار ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.