جيڪڏهن اوهان يوٽيوب شارٽس ڏسڻ پسند ڪريو ٿا ته هاڻي هڪ وڏي ڌچڪي لاءِ تيار ٿي وڃو.
عام وڊيوز کانپوءِ هاڻي گوگل طرفان يوٽيوب شارٽس ۾ به اشتهارن کي ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب في الحال يوٽيوب شارٽس ۾ اشتهارن جو تجربو ڪيو پيو وڃي ۽ شروعاتي طور تي ايپ انسٽال ۽ ٻيا اشتهار ڏيکاريا ويندا.
گوگل جي چيف بزنس آفيسر فلپ شنڊلر ٻڌايو ته هي شروعاتي ڏينهن آهن ۽ اسان اشتهاري ڪمپنين جي شروعاتي فيڊ بيڪ مان مطمئن آهيون.
خيال رهي ته يوٽيوب شارٽس کي گوگل طرفان ٽڪ ٽاڪ سان مقابلي لاءِ سيپٽمبر 2020 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.