عمران خان جو مبينا ڌمڪي واري خط جي جاچ لاءِ صدر ۽ چيف جسٽس کي خط

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي خط جي جاچ لاءِ  صدر عارف علوي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کي ڌار ڌار خط لکي ڇڏيا.

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان صدر کي رياست جي سربراهه ۽ فوج جي ڪمانڊر ان چيف طور تڪڙي ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي.

عمران خان طرفان لکيل خط ۾ پاڪستان جي خود مختياري ۽ جمهوريت کي پيش مبينا خطري جي عوامي جاچ ڪرائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته عمران خان الزام هنيو هو ته منهنجي حڪومت کي ٻاهرين سازش تحت ڪيرايو ويو ۽ ان سازش ۾ نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف زرداري ملوث آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.