پنجاب جي گورنر، عثمان بوزدار جي استعيفيٰ آئيني اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما، عثمان بوزدار جي وڏي وزير طور استعيفيٰ آئيني اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي.

عثمان بوزدار جي استعيفيٰ رد ڪري پنجاب جي گورنر صوبائي اسيمبلي اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو آهي.

پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي به گورنر جو خط وصول ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پنجاب جي گورنر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته عثمان بوزدار جي استعيفيٰ آرٽيڪل 130 جي سب سيڪشن اٺ جي تقاضا پوري نٿي ڪري، عثمان بوزدار استعيفيٰ گورنر جي نالي ڏني ئي ناهي.

عمر سرفراز چيما خط ۾ لکيو آهي ته عثمان بوزدار استعيفيٰ وزيراعظم جي نالي لکي، جيڪو آئيني طور غلط آهي.

هوڏانهن پي ٽي آءِ جي دعويٰ آهي ته عثمان بوزدار وڏي وزير جي حيثيت سان بحال ٿي ويو آهي.

پي ٽي آءِ اختيارين جو چوڻ آهي ته وڏي وزير جي استعيفيٰ رد ٿيڻ کانپوءِ ڪابينا به بحال ٿي وئي آهي، عثمان بوزدار کي فوري طور پنجاب ڪابينا جو اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب پنجاب ڪابينا جو اجلاس پنجاب اسيمبلي هال ۾ گهرايو ويندو، پنجاب ڪابينا جو اجلاس عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ ٿيندو.

واضح رهي ته عثمان بوزدار 28 مارچ تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي، جنهن کي ان وقت جي گورنر چوڌري سرور پهرين اپريل تي منظور ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.